- Advertisement -
ستاويهين آئيني ترميم تي اتفاق راءِ لاءِ وزيراعظم شهباز شريف، پيپلزپارٽي جي اهم اڳواڻن سان ملاقات ڪئي آهي.
پ پ جي اهم اڳواڻن سي اي سي اجلاس کان پهريان وزيراعظم سان خصوصي ملاقات ڪئي.
وزيراعظم آئيني ترميم جي حوالي سان لاڳاپيل شقن تي اتفاق راءِ لاءِ پ پ اڳواڻن سان صلاح مشورو ڪيو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پ پ اڳواڻ اسلام آباد کان 11 وڳي ڪراچي ويندڙ اڏام ۾ نه ويا، شهباز شريف ملاقات کانپوءِ پيپلزپارٽي اڳواڻن سي اي سي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ايئرپورٽ روانا ٿيا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلزپارٽي جي اڳواڻن ۾ فاروق ايڇ نائڪ، مرتضيٰ وهاب، عرفان قادر، راجا پرويز اشرف، نويد قمر ۽ شيري رحمان شامل هئا.
ذريعن موجب، وزيراعظم سان گڏ حڪومتي وفد ۾ اسحاق ڊار، اعظم نذير تارڙ، احسن اقبال، عطا تارڙ، راڻا ثناءُ الله ۽ اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ شامل هئا.
- Advertisement -
