تازه ترين

27هين آئيني ترميم شفاف طريقي سان ايندي، آئيني ترميم جو مقصد ميثاق جمهوريت تي عملدرآمد آهي: وفاقي وزير احسن اقبال

- Advertisement -
وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته 27هين آئيني ترميم شفاف طريقي سان ايندي، آئيني ترميم جو مقصد ميثاق جمهوريت تي عملدرآمد آهي. لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته 27هين آئيني ترميم تي پارليامينٽ ۾ بحث ڪيو ويندو. هن چيو ته مضبوط دفاع لاءِ 27هين آئيني ترميم ذريعي تبديليون ڪيون وينديون، مضبوط دفاع ۽ مضبوط جمهوريت سندس خواهش آهي. وفاقي وزير چيو ته جمعي ڏينهن 27هين آئيني ترميم جو مسودو سامهون اچي ويندو، اهڙي ڪابه ترميم نه آندي ويندي جنهن سان آئين جي بنياد ڪمزور ٿئي، مخالف ڌر ملڪ جي مضبوطيءَ لاءِ آئيني ترميمن تي تجويز ڏئي. ان موقعي تي احسن اقبال نيويارڪ جي نئين ميئر ظهران ممداني کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته ظهران ممداني سياسيت ۾ نئون جذبو پيدا ڪيو آهي، سندس فتح امريڪي جمهوريت جي فتح آهي………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
10.4 ° C
10.4 °
10.4 °
15 %
2.4kmh
0 %
ڇنڇر
10 °
آچر
19 °
سُومر
18 °
اڱارو
18 °
اربع
18 °

تازه ترين خبرون