- Advertisement -
پ پ جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي سينيٽ چيئرمين رضا رباني چيو آهي ته تجويز ڪيل 27هين ترميم منظور ڪئي وئي ته اِهو ارڙهين آئيني ترميم جي خاتمي برابر هوندو، موجوده نازڪ سياسي حالتن ۾ صوبائي خودمختياري سان هٿ چراند وفاق تي گهرا اثر وجهي سگهي ٿي.
جاري ڪيل بيان ۾ رضا رباني چيو ته وفاقي حڪومت طرفان صوبائي خودمختياريءَ بابت تجويز ڪيل آئيني ترميم ارڙهين ترميم کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش آهي.
هن چيو ته موجوده نازڪ سياسي حالتن ۾ صوبائي خودمختياري سان هٿ چراند وفاق تي گهرا اثر وجهي سگهي ٿي.
رضا رباني چيو ته ارڙهين ترميم شدت پسند قومپرستن کي سياسي بحث کان ٻاهر ڪري ڇڏيو ۽ تجويز ڪيل تبديليون انهن ٻيهر غير آئيني سرگرمين طرف آڻي سگهن ٿيون.
پ پ اڳواڻ چيو ته صوبن کي منتقل ڪيل وزارتون واپس وٺڻ وفاقي حڪومت لاءِ مالي ٻوجهه بڻجنديون ۽ مالياتي اختيار واپس وٺڻ ڀائيوار وفاقيت جي اصولن خلاف هوندو.
رضا ربانيءَ تجويز ڏني ته جيڪڏهن وفاقي حڪومت پنهنجا مالي معاملا نٿي سنڀالي سگهي ته صوبن کي سموري ٽيڪس گڏ ڪرڻ ۽ وفاقي خرچ گڏيل مفادن واري ڪائونسل ذريعي پورا ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي………..
- Advertisement -
