تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ملڪ کي ٻارن حوالي نٿو ڪري سگھجي، ٻارڙن ۽ وڏن جي سوچ ۾ فرق هوندو آهي: مولانا فضل الرحمان

- Advertisement -
جي يو آءِ سربراھھ  مولانا فضل الرحمان، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي ٻار قرار ڏيندي چيو آھي تھ ملڪ کي ٻارن حوالي نٿو ڪري سگھجي، ٻارڙن ۽ وڏن جي سوچ ۾ فرق هوندو آهي، بلاول ڀٽو زرداري  پيرسن ماڻهو جي ڳالهه پنهنجي والد بابت ڪئي آهي، سندس امڙ جيئري هجي ته ها ته سندس ڪهڙي صورتحال هجي ها،  مستقبل ۾ ن ليگ سان گڏجي ھلڻ جو فيصلو ڪيو آھي، ملڪ ۾ اڃا به سازشون ٿي رهيون آهن. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي، جنھن دوران ملڪي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالھائيندي مولانا فضل الرحمان چيو تھ ھو مفاھمت ۽ ايڊجسٽمينٽ سان اڳتي وڌندا، مستقبل ۾ ن ليگ سان گڏجي ھلڻ جو فيصلو ڪيو آھي. ھن چيو تھ ڪنھن بھ پارٽيءَ کي ان جي حق کان محروم نھ ڪرڻ گھرجي، اختلافن کي ھڪٻئي خلاف استعمال ڪرڻ ڪنھن لاءِ بھ بھتر ناھي. مولانا فضل الرحمان چيو تھ ھو پيپلزپارٽيءَ خلاف ڪو بھ انتھاپسنديءَ وارو ورتاءُ اختيار نھ ڪندا. جي يو آءِ سربراھھ چيو تھ ملڪ کي ٻارن حوالي نٿو ڪري سگھجي، ٻارڙن ۽ وڏن جي سوچ ۾ فرق هوندو آهي، بلاول ڀٽو زرداري  پيرسن ماڻهو جي ڳالهه پنهنجي والد بابت ڪئي آهي، سندس امڙ جيئري هجي ته ها ته سندس ڪهڙي صورتحال هجي ها. مولانا فضل الرحمان چيو تھ بزرگ ۽ ٻار جي سوچ ۾ فرق ھوندو آھي، بلاول جي بيانن ۾ اھو ئي فرق نظر اچي رھيو آھي. ھن چيو تھ ھڪ اليڪشن تڪراري ٿي، پاڪستان وڌيڪ اھڙي اليڪشن برداشت نھ ڪري سگھندو، بلاول ڀٽو زرداري کي خبر ناھي تھ ھنن ڇا ڏٺو ۽ ٻڌو آھي، سياست ٻارن حوالي نھ ٿيڻ گھرجي. مولانا فضل الرحمان چيو تھ سمورا ادارا پنھنجي حدن ۾ رھي ڪم ڪن، اليڪشن جي ڏينھن ۾ سفير ملاقات ڪندا آھن، آمريڪي سفير جي ملاقاتن کي ڪو ٻيو رنگ نھ ڏيڻ گھرجي. جي يو آءِ سربراھھ چيوتھ ھو پي ٽي آءِ کي پاڪستان جي پارٽي نھ ٿا سمجھن، ڪنهن به سياسي پارٽي کي سندس حق کان محروم نه ڪرڻ گهرجي. مولانا فضل الرحمان چيو تھ غزا ۾ ھزاري ٻارن کي شھيد ڪيو ويو، فلسطين ۾ اسڪولن، اسپتالن ۽ ڪاليجن سميت ھر ھنڌ بمباري ٿي رھي آھي، جمعي ڏينھن فلسطينين سان ٻڌيءَ جو ڏھاڙو ملھايو ويندو
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
15.4 ° C
15.4 °
15.4 °
36 %
3.1kmh
100 %
خميس
22 °
جمعو
20 °
ڇنڇر
22 °
آچر
21 °
سُومر
19 °

تازه ترين خبرون