تازه ترين

ملڪ کي ٻارن حوالي نٿو ڪري سگھجي، ٻارڙن ۽ وڏن جي سوچ ۾ فرق هوندو آهي: مولانا فضل الرحمان

جي يو آءِ سربراھھ  مولانا فضل الرحمان، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي ٻار قرار ڏيندي چيو آھي تھ ملڪ کي ٻارن حوالي نٿو ڪري سگھجي، ٻارڙن ۽ وڏن جي سوچ ۾ فرق هوندو آهي، بلاول ڀٽو زرداري  پيرسن ماڻهو جي ڳالهه پنهنجي والد بابت ڪئي آهي، سندس امڙ جيئري هجي ته ها ته سندس ڪهڙي صورتحال هجي ها،  مستقبل ۾ ن ليگ سان گڏجي ھلڻ جو فيصلو ڪيو آھي، ملڪ ۾ اڃا به سازشون ٿي رهيون آهن.

اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي، جنھن دوران ملڪي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون.

ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالھائيندي مولانا فضل الرحمان چيو تھ ھو مفاھمت ۽ ايڊجسٽمينٽ سان اڳتي وڌندا، مستقبل ۾ ن ليگ سان گڏجي ھلڻ جو فيصلو ڪيو آھي.

ھن چيو تھ ڪنھن بھ پارٽيءَ کي ان جي حق کان محروم نھ ڪرڻ گھرجي، اختلافن کي ھڪٻئي خلاف استعمال ڪرڻ ڪنھن لاءِ بھ بھتر ناھي.

مولانا فضل الرحمان چيو تھ ھو پيپلزپارٽيءَ خلاف ڪو بھ انتھاپسنديءَ وارو ورتاءُ اختيار نھ ڪندا.

جي يو آءِ سربراھھ چيو تھ ملڪ کي ٻارن حوالي نٿو ڪري سگھجي، ٻارڙن ۽ وڏن جي سوچ ۾ فرق هوندو آهي، بلاول ڀٽو زرداري  پيرسن ماڻهو جي ڳالهه پنهنجي والد بابت ڪئي آهي، سندس امڙ جيئري هجي ته ها ته سندس ڪهڙي صورتحال هجي ها.

مولانا فضل الرحمان چيو تھ بزرگ ۽ ٻار جي سوچ ۾ فرق ھوندو آھي، بلاول جي بيانن ۾ اھو ئي فرق نظر اچي رھيو آھي.

ھن چيو تھ ھڪ اليڪشن تڪراري ٿي، پاڪستان وڌيڪ اھڙي اليڪشن برداشت نھ ڪري سگھندو، بلاول ڀٽو زرداري کي خبر ناھي تھ ھنن ڇا ڏٺو ۽ ٻڌو آھي، سياست ٻارن حوالي نھ ٿيڻ گھرجي.

مولانا فضل الرحمان چيو تھ سمورا ادارا پنھنجي حدن ۾ رھي ڪم ڪن، اليڪشن جي ڏينھن ۾ سفير ملاقات ڪندا آھن، آمريڪي سفير جي ملاقاتن کي ڪو ٻيو رنگ نھ ڏيڻ گھرجي.

جي يو آءِ سربراھھ چيوتھ ھو پي ٽي آءِ کي پاڪستان جي پارٽي نھ ٿا سمجھن، ڪنهن به سياسي پارٽي کي سندس حق کان محروم نه ڪرڻ گهرجي.

مولانا فضل الرحمان چيو تھ غزا ۾ ھزاري ٻارن کي شھيد ڪيو ويو، فلسطين ۾ اسڪولن، اسپتالن ۽ ڪاليجن سميت ھر ھنڌ بمباري ٿي رھي آھي، جمعي ڏينھن فلسطينين سان ٻڌيءَ جو ڏھاڙو ملھايو ويندو

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
101,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
13.1 ° C
13.1 °
13.1 °
27 %
4.4kmh
2 %
اڱارو
13 °
اربع
15 °
خميس
16 °
جمعو
16 °
ڇنڇر
16 °

تازه ترين خبرون