تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سائفر ڪيس: پي ٽي آءِ چيئرمين جو جيل ۾ ٽرائل ٿيندو، عدالت فيصلو ٻڌائي ڇڏيو

- Advertisement -
تحريڪ انصاف چيئرمين خلاف سائفر ڪيس جي ٻڌڻي جيل ۾ ئي ٿيندي، اسلام آباد جي خاص عدالت فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، عدالت رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته ڪيس جي ٻڌڻي ڏسڻ جي خواهشمندن کي روڪيو نه ويندو،  صحافين کي به ڪيس جي ٻڌڻي ڏسڻ جي اجازت هوندي. خاص عدالت جي جج ابو الحسنات محمد ذوالقرنين اسلام آباد جوڊيشل ڪمپليڪس ۾ سائفر ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالتي حڪم باوجود تحريڪ انصاف چيئرمين ۽ شاهه محمود قريشي کي اڊيالا جيل کان جوڊيشل ڪمپليڪس ۾ پيش نه ڪيو ويو. جيل اختيارين عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪندي موقف اختيار ڪيو ته ٻنهي جوابدارن کي عدالت ۾ پيش نه ٿو ڪري سگهجي، اسلام آباد پوليس کي اضافي سڪيورٽي لاءِ خط لکيو ويو آهي، پي ٽي آءِ چيئرمين کي سنجيده نوعيت جي سڪيورٽي جا خدشا آهن. تحريڪانصاف چيئرمين جي وڪيل سلمان صفدر چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي پيش ڪرڻ جيل اختيارين جي ذميواري آهي،  هو خطري باوجود پيش ٿي رهيا آهن. هن چيو ته ڇا پي ٽي آءِ چيئرمين جيل ۾ محفوظ ناهي رستي ۾ خطرو آهي ته ٻڌايو وڃي،  جوڊيشل ڪمپليڪس کي مڪمل طور بند ڪري به آڻي سگهجي ٿو، عدالت ۾ ڪنهن کان خطرو آهي،  يا فيملي مان خطرو آهي يا قانون تي عمل ڪندڙ وڪيلن مان خطرو آهي. سلمان صفدر ايڊووڪيٽ چيو ته هو  چوندا رهيا آهن اڃا اڳتي نه وڌو طئي ٿيڻ ڏيو ته  ڪيس ڪيئن هلڻو آهي، ڪڏهن ڪو ڪيس ايترو جلد هليو آهي. شاهه محمود قريشي جي وڪيل  علي بخاري ايڊووڪيت چيو ته هي اوپن ٽرائل آهي،  جوابدار کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ ضروري آهي،  جيڪڏهن عدالتي حڪم نه ٿا مڃا وڃن ته  سرڪاري ملازم کي جيل ۾ موڪلڻ جو  اختيار توهان وٽ آهي. جج ابولحسنات ذوالقرنين چيو ته  عوام جي پهچ ٿيڻ گهرجي، ميڊيا کي عدالت تائين پهچ هئڻ گهرجي. ايف آءِ اي جي پراسيڪيوٽر اوپن ٽرائل جي مخالفت ڪندي چيو ته  سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪندي جيل ۾ ٽرائل ڪري سگهجي ٿو،  عدالت ۾ جيل اختيارين دستاويزي شاهدين سان ٻڌايو ته سڪيورٽي خدشن سبب پيش نه ٿو ٿي سگهي. عليما خان چيو ته پيءَ جي ٻارڙن سان ڳالهه ٻولهه ئي ڪرائي وڃي. جج ابولحسنات ذوالقرنين چيو ته جيل اختياريون چون ٿيون ته ايس او پيز ۾ پرڏيهه ملڪ ڳالهائڻ جي اجازت ناهي. عدالت پرڏيهه ڳالهه ٻولهه ڪرائڻ بابت جيل ايس او پيز طلب ڪيون. پي ٽي آءِ چيئرمين جي ٻارڙن سان فون تي  ڳالهائڻ جي درخواست تي خاص عدالت سپريڊنٽ اڊيالا جيل کي ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪيو. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ  فيصلو ٻڌائيندي چيو ته سڪيورٽي خدشن سبب پي ٽي آءِ چيئرمين جو جيل ۾ ٽرائل ٿيندو، ميڊيا کي به جيل ٽرائل ڪور ڪرڻ جي اجازت هوندي، جيڪو به ٽرائل ڏسڻ جو خواهشمند هوندو تنهن کي اجازت هوندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
17.7 ° C
17.7 °
17.7 °
31 %
3kmh
64 %
ڇنڇر
18 °
آچر
22 °
سُومر
20 °
اڱارو
18 °
اربع
16 °

تازه ترين خبرون