تازه ترين
حڪمران پنهنجي مرضي شروع ڪري ڇڏين ته نظام ڊهي پوندو آهي:بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه يونيورسٽين بابت قانونسازي واپس نه وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو قومي اسيمبليءَ سوشل ميڊيا قانون سخت ڪرڻ بابت پيڪا ايڪٽ ترميمي بل  اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو ڳالهيون ختم ڪرڻ جو اعلان افسوس ناڪ آهي، ڳالهين جو اهو عمل پي ٽي آءِ جي اڳڀرائي تي هو:عرفان صديقي پيڪا ايڪٽ ۾ ترميم سوشل ميڊيا لاءِ آهي ۽ ان سان صحافين کي تحفظ ملندو:عطا تارڙ سڪيورٽي فورسز پاڪ افغان سرحد تي دهشتگردن جي مداخلت جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي ڇهن دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ... سپريم ڪورٽ  بئنچن جي اختيارن جي ڪيس ۾ ايڊيشنل رجسٽرار سپريم ڪورٽ خلاف توهين عدالت ڪيس ۾ فيصلو محفوظ ... شرجيل انعام ميمڻ وڏي وزير جي تبديلي بابت افواهن کي رد ڪري ڇڏيو تحريڪ انصاف دور ۾ مسلم ليگ نون جي قيادت کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو ويو:عطا تارڙ تحريڪ انصاف حڪومت سان ڳالهيون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

سائفر ڪيس: پي ٽي آءِ چيئرمين جو جيل ۾ ٽرائل ٿيندو، عدالت فيصلو ٻڌائي ڇڏيو

تحريڪ انصاف چيئرمين خلاف سائفر ڪيس جي ٻڌڻي جيل ۾ ئي ٿيندي، اسلام آباد جي خاص عدالت فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، عدالت رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته ڪيس جي ٻڌڻي ڏسڻ جي خواهشمندن کي روڪيو نه ويندو،  صحافين کي به ڪيس جي ٻڌڻي ڏسڻ جي اجازت هوندي.

خاص عدالت جي جج ابو الحسنات محمد ذوالقرنين اسلام آباد جوڊيشل ڪمپليڪس ۾ سائفر ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

عدالتي حڪم باوجود تحريڪ انصاف چيئرمين ۽ شاهه محمود قريشي کي اڊيالا جيل کان جوڊيشل ڪمپليڪس ۾ پيش نه ڪيو ويو.

جيل اختيارين عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪندي موقف اختيار ڪيو ته ٻنهي جوابدارن کي عدالت ۾ پيش نه ٿو ڪري سگهجي، اسلام آباد پوليس کي اضافي سڪيورٽي لاءِ خط لکيو ويو آهي، پي ٽي آءِ چيئرمين کي سنجيده نوعيت جي سڪيورٽي جا خدشا آهن.

تحريڪانصاف چيئرمين جي وڪيل سلمان صفدر چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي پيش ڪرڻ جيل اختيارين جي ذميواري آهي،  هو خطري باوجود پيش ٿي رهيا آهن.

هن چيو ته ڇا پي ٽي آءِ چيئرمين جيل ۾ محفوظ ناهي رستي ۾ خطرو آهي ته ٻڌايو وڃي،  جوڊيشل ڪمپليڪس کي مڪمل طور بند ڪري به آڻي سگهجي ٿو، عدالت ۾ ڪنهن کان خطرو آهي،  يا فيملي مان خطرو آهي يا قانون تي عمل ڪندڙ وڪيلن مان خطرو آهي.

سلمان صفدر ايڊووڪيٽ چيو ته هو  چوندا رهيا آهن اڃا اڳتي نه وڌو طئي ٿيڻ ڏيو ته  ڪيس ڪيئن هلڻو آهي، ڪڏهن ڪو ڪيس ايترو جلد هليو آهي.

شاهه محمود قريشي جي وڪيل  علي بخاري ايڊووڪيت چيو ته هي اوپن ٽرائل آهي،  جوابدار کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ ضروري آهي،  جيڪڏهن عدالتي حڪم نه ٿا مڃا وڃن ته  سرڪاري ملازم کي جيل ۾ موڪلڻ جو  اختيار توهان وٽ آهي.

جج ابولحسنات ذوالقرنين چيو ته  عوام جي پهچ ٿيڻ گهرجي، ميڊيا کي عدالت تائين پهچ هئڻ گهرجي.

ايف آءِ اي جي پراسيڪيوٽر اوپن ٽرائل جي مخالفت ڪندي چيو ته  سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪندي جيل ۾ ٽرائل ڪري سگهجي ٿو،  عدالت ۾ جيل اختيارين دستاويزي شاهدين سان ٻڌايو ته سڪيورٽي خدشن سبب پيش نه ٿو ٿي سگهي.

عليما خان چيو ته پيءَ جي ٻارڙن سان ڳالهه ٻولهه ئي ڪرائي وڃي.

جج ابولحسنات ذوالقرنين چيو ته جيل اختياريون چون ٿيون ته ايس او پيز ۾ پرڏيهه ملڪ ڳالهائڻ جي اجازت ناهي.

عدالت پرڏيهه ڳالهه ٻولهه ڪرائڻ بابت جيل ايس او پيز طلب ڪيون.

پي ٽي آءِ چيئرمين جي ٻارڙن سان فون تي  ڳالهائڻ جي درخواست تي خاص عدالت سپريڊنٽ اڊيالا جيل کي ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪيو.

عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ  فيصلو ٻڌائيندي چيو ته سڪيورٽي خدشن سبب پي ٽي آءِ چيئرمين جو جيل ۾ ٽرائل ٿيندو، ميڊيا کي به جيل ٽرائل ڪور ڪرڻ جي اجازت هوندي، جيڪو به ٽرائل ڏسڻ جو خواهشمند هوندو تنهن کي اجازت هوندي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
122,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
4 ° C
4 °
4 °
28 %
1.4kmh
0 %
خميس
4 °
جمعو
12 °
ڇنڇر
14 °
آچر
16 °
سُومر
17 °

تازه ترين خبرون