- Advertisement -
بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته 9 مئي سانحي ۾ باجوه، فيض حميد ۽ پي ٽي آءِ باني به ملوث آهي، پي ٽي آءِ باني ۽ فيض حميد آرمي چيف جي مقرري بابت سازشي ماحول جاري رکيو.
خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته پي ٽي آءِ آفيس ۾ ڇاپي دوران رئوف حسن کي گرفتار ڪيو ويو هو، جتان ڪمپيوٽر تحويل ۾ ورتا ويا هئا.
هن چيو ته فيض حميد جا تحريڪ انصاف سان رابطا هئا ۽ فيض آباد ڌرڻي ۾ صحي به ڪئي هئي.
سندس چوڻ هو ته فيض حميد جو سياست ۾ ڪردار رهيو، فيض حميد، جنرل باجوه ۽ پي ٽي آءِ باني جو هڪ تعلق هو، پي ٽي آءِ باني جو سياسي گارڊ فادر باجوه ۽ فيض حميد سياسي چاچو هو.
خواجا آصف چيو ته سندس ڄاڻ موجب 9 مئي تي ٽارگيٽ نا ويا هئا ائين نه هو ته ماڻهو پاڻ ويا، فيض حميد سميت ٻيا ماڻهو به ملوث هوندا، پي ٽي آءِ باني ان معاملي ۾ آن بورڊ هو، پي ٽي آءِ آفيس مان ليپ ٽاپ، موبائل فون مان سموري معلومات ملي هوندي.
هن چيو ته تحريڪ انصاف جي دور ۾ طالبا کي ملڪ ۾ آباد ڪيو ويو، فيض حميد جو ڪابل ۾ چانهه پيئڻ وارو واقعو گهڻو مشهور ٿيو هو، طالبان جي ڪري دهشتگردي جا واقعا ٻيهر شروع ٿي ويا.- Advertisement -
