تازه ترين

ڀارت ۾ رٿيل ڪرڪيٽ ورلڊڪپ ۾ قومي ٽيم جي شرڪت بابت فيصلي لاءِ هاءِ پروفائل ڪميٽيءَ جو اجلاس 3 آگسٽ تي طلب

- Advertisement -
ڀارت ۾ رٿيل ڪرڪيٽ ورلڊڪپ ۾ قومي ٽيم جي شرڪت بابت فيصلي لاءِ هاءِ پروفائل ڪميٽيءَ جو اجلاس 3 آگسٽ تي طلب ڪيو ويو آهي. وزيراعظم شهبازشريف طرفان پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداريءَ جي سربراهيءَ ۾ جوڙيل هاءِ پروفائل ڪميٽي جو اجلاس خميس ڏينهن ٿيندو. بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪميٽي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڀارت وڃڻ يا نه وڃڻ بابت فيصلو ڪندي. ڪميٽيءَ ۾وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، اعظم نذير تارڙ، احسان مزاري، مريم اورنگزيب، اسعد محمود، امين الحق، قمر زمان ڪائرا، طارق فاطمي ۽  قومي سلامتي جي ادارن جي سربراهن سميت پرڏيهي سيڪريٽري به شامل آهن. ڪميٽي ۾ ڀارت ۾ ورلڊڪو بابت سمورن معاملن تي سفارشون تيار ڪندي، جن جي روشنيءَ ۾ قومي ٽيم جي ورلڊڪپ ۾ شرڪت بابت فيصلو ڪيو ويندو. قطعي سفارشون منظوريءَ لاءِ وزيراعظم ڏانهن موڪليون وينديون، پي سي بي قومي ٽيم جي ورلڊڪپ ۾ شرڪت حڪومتي اجازت سان مشروط ڪئي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.7 ° C
25.7 °
25.7 °
25 %
3.1kmh
3 %
ڇنڇر
26 °
آچر
32 °
سُومر
35 °
اڱارو
37 °
اربع
36 °

تازه ترين خبرون