تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

خيرپور پوليس پاران صحافي اصغر کنڊ جي قاتل کي گرفتار ڪرڻ جي دعوى

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

خيرپور پوليس سينيئر صحافي اصغر کنڊ جي قتل ۾ ملوث مک جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي دعوى ڪئي آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته پڇا ڳاڇا دوران  گرفتار جوابدار، صحافي کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي.

پوليس موجب، ڳجهي اطلاع تي احمد پور ٿاڻي جي حد درگاهه پير شهبازي ڀرسان ڪارروائي ڪري جوابدار علي گل کنڊ کي گرفتار ڪيو آهي.

پوليس جو وڌيڪ چوڻ هو ته  پڇا ڳاڇا دوران جوابدار ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار جي قبضي مان واردات ۾ استعمال ٿيل پسٽل پڻ هٿ ڪيو آهي.

پوليس موجب، جوابدار شروعاتي بيان ۾ ٻڌايو ته مقتول اصغر کنڊ 1998 ۾ سندس والد مير محمد کنڊ کي قتل ڪيو هو، ان جو بدلو وٺڻ لاءِ پسٽل جا فائر ڪري کيس قتل ڪيو.

واضع رهي ته ٻه ڏينهن احمد پور ٿاڻي جي حد ڳوٺ امير بخش چانڊي ۾ هٿياربندن سينيئر صحافي غلام اصغر کنڊ کي سندس اوطاق ڀرسان گوليون هڻي قتل ڪيو هو.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
22.9 ° C
22.9 °
22.9 °
30 %
3.6kmh
100 %
آچر
23 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون