تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

پاڪستاني سياست جو فيصلو پاڪستاني عوام کي پنهنجي آئين ۽ قانون موجب ڪرڻو آهي : امريڪا

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

امريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستاني سياست جو فيصلو پاڪستاني عوام کي پنهنجي آئين ۽ قانون موجب ڪرڻو آهي، هڪ ڀيرو ٻيهر ورجائن ٿا ته تحريڪ انصاف جي گرفتاري وارو معاملو پاڪستان جو اندروني معاملو آهي.

پاڪستان ۾ ايندڙ عام چونڊن بابت پنهنجي بيان ۾ امريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته پاڪستاني سياست جو فيصلو پاڪستاني عوام کي پنهنجي آئين ۽ قانون موجب ڪرڻو آهي.

هن چيو ته هو ٻين ملڪن جيان پاڪستان تي به زور ڏين ٿا ته آئين ۽ قانون تي عمل ڪن.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب، امريڪا پاڪستان سان گھڻن معاملن تي ڪم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.

ميٿو ملر وڌيڪ چيو ته تحريڪ انصاف جي چيئرمين بابت سندن بيان مختلف نه آهي، سندس گرفتار پاڪستان جو اندروني معاملو آهي، هو پاڪستان ۾ جمهوري اصول، انساني حقن ۽ قانون جي حڪمراني ۽ احترام جو مطالبو ڪن ٿا.

واضع رهي ته وزيراعظم شهباز شريف اڄ قومي اسيمبلي ٽوڙڻ جي سمري صدر عارف علوي کي موڪليندو.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
22.9 ° C
22.9 °
22.9 °
30 %
3.6kmh
100 %
آچر
23 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون