جيئي سنڌ محاذ سنڌ ۾ اغوائن، وسيلن تي قبضي ۽ افغانين کي نيڪالي نه ڏيڻ خلاف 17 سيپٽمبر تي سکر ۾ احتجاجي مارچ جو اعلان ڪري ڇڏيو، رياض چانڊئي جو چوڻ آھي تھ حالتون اليڪشن ڏانهن وڃڻ بدران مهانگائي جي عذاب ۾ عوام کي مبتلا ڪيو ويو آهي، سنڌ جا ماڻهو مهانگائي کي منهن ڏئي رهيا آهن، خوشحال سنڌ جا ماڻهو غربت واري زندگي گذاري رهيا آهن.
لاڙڪاڻي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو چيو تھ 75 ورھين کان بيڊ گورننس جو عذاب سنڌ ڀوڳيو آهي، زرداري ليگ کي ايتري ڇوٽ هئي جو ڪجهه به ڪيو پر ڪير به ڪجهه نه ڪندو.
هن چيو ته ڪڻڪ ۾ اربين رپين جي ڪرپشن ڪندڙن کي ڪجهه نه ٿو ڪيو وڃي ۽ بجلي چوري جي الزام ۾ ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان ماڻھن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي.
جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين چيو ته سنڌ ۾ قانون جي حڪمراني ناهي، پيپلز پارٽي 1991ع جي ٺاهه موجب پاڻي نه ڏنو، سنڌ ۾ پنھنجا نوازي، پوليس جي سسٽم کي تباهه ڪرڻ ۽ اغوا ڪلچر کي هٿي وٺرائڻ ۾ پيپلز پارٽي جو هٿ آهي.
سندس چوڻ ھو تھ 30 کرب رپيا خانگي بئنڪن کان ڪڻڪ جي خريداري لاءِ قرض ورتو ويو، ڪشمور، ڪنڌڪوٽ ۽ گهوٽڪي پل تان وزيرستان ۽ بلوچستان جا ماڻهو اغوا ٿيا جن جي ماڻهن احتجاج ڪيو.
رياض چانڊئي چيو تھ سنڌ جا ماڻهو احتجاج ٿا ڪن ته مٿن ڪيس دهشگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن ۽ ڌرڻي کان پوءِ پوليس ماڻهن کي بازياب ڪرائي ٿي پر انهن پوليس وارن کان ڪير پڇا ڪرڻ وارو به ناهي.
هن چيو ته 40 لک افغانين جو وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت 2011 ۾ افتخار چوڌري جي ڪورٽ ۾ انگ اکر ڏنا ۽ ھو ان ۾ درخواست ڏيندڙ هو پر افغانين جي نيڪالي لاءِ ڪو به بندوبست نه ڪيو ويو آهي.
جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين چيو ته افغاني ٽيڪس نه ٿا ڏين ۽ سرعام ملاوٽ جو ڪاروبار ڪن ٿا جن کي نيڪالي ڏني وڃي، افغانين کي نيڪالي نه ڏيڻ، اغوائن، سنڌ جي وسيلن تي قبضي خلاف جيئي سنڌ محاذ طرفان 17 سيپٽمبر تي سکر ۾ احتجاجي مارچ ڪري وڌيڪ لائحه عمل جو اعلان ڪيو ويندو.
