پراجيڪٽ تي ڪم ڪندڙ عملي کي پوليس ۽ رينجرز ذريعي تحفظ ڏنو وڃي: مقبول باقر

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر، گهوٽڪي، ڪنڌڪوٽ پل جو ڪم فوري طور شروع ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پراجيڪٽ تي ڪم ڪندڙ عملي کي پوليس ۽ رينجرز ذريعي تحفظ ڏنو وڃي.

نگران وزڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر جي صدارت هيٺ ورڪس اينڊ سروسز جو اجلاس ٿيو. جنهن ۾ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.

اجلاس دوران نگران وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته گهوٽڪي ڪنڌڪوٽ پل پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت تعمير ڪئي پئي وڃي، پل 12 ڏهائي 2 ڪلوميٽر ۽ روڊ 35 ڏهائي 4 ڪلوميٽر هوندو، امن امان سبب في الحال ڪم بند آهي.

نگران وڏي وزير پل جو ڪم بند ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

سندس چوڻ هو ته گهوٽڪي، ڪنڌڪوٽ پل جو ڪم فوري طور شروع ڪيو وڃي ۽ ڪم ۾ معيار برقرار رکي وڃي.

وڏي وزير، چيف سيڪريٽري کي حڪم ڏنو ته پراجيڪٽ تي ڪم ڪندڙ عملي کي پوليس ۽ رينجرز ذريعي تحفظ ڏنو وڃي.

جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو ته دير سبب  اسڪيمن جي لاڳت وڌي ويندي آهي، سمورا ڪم جلد مڪمل ڪيا وڃن

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
11 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
21.2 ° C
21.2 °
21.2 °
18%
2.7m/s
1%
سُومر
21 °
اڱارو
22 °
اربع
23 °
خميس
23 °
جمعو
23 °

تازه ترين خبرون