- Advertisement -
ڪراچي ۾ اي وي ايل سي پوليس مقابلي دوران ٽن ڏوهارين کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري 15 موٽر سائيڪلون ۽ سرڪار هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعوى ڪئي آهي.
ايس ايس پي اي وي ايل سي عرفان سمون جو چوڻ آهي ته لياقت آباد ڊويزن جي علائقي ريلوي ڦاٽڪ ڀرسان ڦر جي اطلاع تي اهلڪار پهتا ته ڏوهارين فائرنگ ڪري ڏني، جوابي فائرنگ ۾ ٽي ڦورو زخمي ٿي پيا جن کي گرفتار ڪيو ويو.
ايس ايس پي اي وي ايل سي موجب، گرفتار جوابدارن جي سڃاڻپ رياض علي، شعيب ۽ شان جي نالن سان ٿي آهي.
عرفان سمون جو چوڻ آهي ته زخمي ڦورن جي قبضي مان پسٽل، ميگزين، گولين سميت ڪراچي جي مختلف علائقن مان ڦر ۽ چوري ڪيل 15 موٽر سائيڪلون ۽ سرڪاري 9 ايم ايم پسٽل هٿ ڪيو ويو.
سندس چوڻ هو ته ڪجهه ڏينهن اڳ جوابدارن شير شاهه ۾ پوليس اهلڪار کان سرڪاري نائين ايم ايم پسٽل ۽ 10 رائونڊ ڦر ڪري فرار ٿي ويا هئا.
ايس ايس پي عرفان سمون جو وڌيڪ چوڻ آهي ته گرفتار ٽئي جوابدار ڦر، چورين ۽ ڌاڙن سميت سنگين نوعيت جي ڪيسن ۾ گھربل هئا، سندن وڌيڪ ڪرمنل رڪارڊ چيڪ ڪيو پيو وڃي.- Advertisement -
