- Advertisement -
پاڪستان سپر ليگ 9 جي 12هين ميچ ۾ پشاور زلمي لاهور قلندرز کي 8 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
پشاور زلمي مقرر 20 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 211 رنسون ٺاهيون، صائم ايوب 55 بالن تي 88 رنس جي شاندار اننگز کيڏي.
بابر اعظم 48 رنسون، رومان پاول 46 رنسون، محمد حارث 12 ۽ آصف علي 6 رنسون ٺاهيون.
شاهين شاهه آفريدي 3 وڪيٽون ورتيون جڏهن هن ته جهانداد خان هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو.
جواب ۾ لاهور قلندرز جي ٽيم 203 رنسون ٺاهي سگھي، ونڊرڊوسن پي ايس ايل 9 جي پهرين سينچري اسڪور ڪئي، هن 52 بالن تي 105 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي.
پشاور زلمي طرفان شائي هوپ 29، احسن حفيظ 20 ۽ صاحبزاد فرحان 15 رنسون ٺاهيون، نوين حق 2 وڪيٽون حاصل ڪيون.- Advertisement -
