تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

لاڙڪاڻي جي سيشن جج شرف الدين شاهه سنڌ هائيڪورٽ جي جج سليم جيسر سان اختلافن سبب عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

- Advertisement -
لاڙڪاڻي جي سيشن جج شرف الدين شاهه سنڌ هائيڪورٽ جي جج سليم جيسر سان اختلافن سبب عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي،  سندس چوڻ آهي ته جسٽس سليم جيسر پٽيوالي جي نوڪري بنا ميڊيڪل حاصل ڪرڻ لاءِ پيغام موڪليو ويو، قائدن ۽ ضابطن خلاف نوڪري نه ڏيڻ تي سينئر جج ناراض ٿي ويو آهي. لاڙڪاڻي جي سيشن جج شرف الدين شاهه سنڌ هائيڪورٽ جي جج سليم جيسر سان اختلافن سبب عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. سيشن جج لاڙڪاڻي پنهنجي استعيفيٰ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار ڏانهن اماڻي. سيشن جج شرف الدين شاهه پنهنجي استعيفيٰ ۾ لکيو آهي ته پٽيوالي جي نوڪري بنا ميڊيڪل حاصل ڪرڻ لاءِ جسٽس سليم جيسر طرفان ايڊيشنل رجسٽرار ذريعي پيغام اماڻيو ويو. استعيفي جي متن ۾ چيو ويو ته قاعدن جي خلاف نوڪري نه ڏيڻ تي جسٽس سليم جيسر ناراض هو. جج شرف الدين شاهه چيو ته جسٽس سليم جيسر جي منشي رهندڙ محمد ملوڪ سندس آفيس ۾ اچي نوڪري نه ڏيڻ تي ڌمڪيون به ڏنيون. استعيفيٰ ۾ چيو ويو آهي ته جسٽس سليم جيسر جي انسپيڪشن دروان ايڊيشنل رجسٽرار جونيئر هوندي کيس هدايتون ڏيندو رهيو، جسٽس سليم جيسر جي انسپيڪشن دوران لکيل نوٽيس به سوشل ميڊيا تي وائرل ڪيو ويو. جج شرف الدين شاهه چيو ته انسپيڪشن دوران جسٽس سليم جيسر طرفان سندس خلاف بنا ثبوتن جي نوٽيس لکيو ويو، انسپيڪشن دوران لکيل نوٽيس سندس ذاتي فائل ۾ شامل ڪرڻ جو حڪم به جسٽس سليم جيسر طرفان جاري ڪيو ويو. استعيفيٰ جي متن موجب، هو 27 سال جوڊيشري جو حصو رهيو آهي، هن ذلت جي ماحول ۾ نوڪري ڪري نه ٿو سگهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
27.6 ° C
27.6 °
27.6 °
15 %
3.6kmh
33 %
خميس
28 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
27 °

تازه ترين خبرون