وڏي وزير جي صدارت هيٺ وفاقي حڪومت جي سهڪار سان هلندڙ منصوبن بابت اجلاس

- Advertisement -
وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ وفاقي سرڪار سان هلندڙ منصوبا مڪمل ڪرڻ ۽ ڪو آرڊينيشن بابت اجلاس ٿيو آهي. اجلاس ۾ مائنز اينڊ منرلز وارو صوبائي وزير، توانائي ۽ پي اينڊي وارو صوبائي وزير، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ وارو صوبائي وزير، آبپاشي کاتي وارو صوبائي وزير ۽ لاڳاپيل سيڪريٽري اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. وڏي وزير جي ترجمان جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ ونڊ پاور انرجي جي 26 منصوبن بابت ڳالهيون ٿيون، منصوبن مان هڪ هزار 875 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿيندي، هڪ هزار 150 ميگاواٽ جي 19 سولر پراجيڪٽس بابت به ڳالهيون ڪيون ويون. ترجمان موجب، وڏي وزير فيصلو ڪيو آهي ته پهرين مرحلي ۾ اهي ڪمپنيون جن وٽ ليٽر آف انٽريسٽ آهي کين واڪ ۾ شامل ڪيو وڃي، اجلاس ۾ ٿر ريلي ڪنيڪٽوٽي پراجيڪٽ بابت به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته پراجيڪٽ تحت ٿرڪول کي ريلوي لائن ذريعي ڇور تائين ملايو ويندو، پراجيڪٽ شروع ڪرڻ لاءِ سنڌ سرڪار 50 سيڪڙو فنڊ فراهم ڪري رهي آهي. وڏي وزير ڍل ۽ آبياني جي اگهن تي نظرثاني لاءِ آبپاشي کاتي واري صوبائي وزير کان سفارشون طلب ڪري ورتيون. اجلاس ۾ اهو به فيصلو ٿيو ته جر جي پاڻي جي استعمال بابت قانونسازي ڪئي ويندي، منصوبي لاءِ ليگل فريم ورڪ لاءِ ڪنسلٽنٽ مقرر ڪيا ويندا. وڏي وزير جي ترجمان موجب، وڏي وزير مراد علي شاهه کاٽي جي جاري ڪمن جو به جائرو ورتو. وڏي وزير کي بريفنگ ڏني وئي ته کاٽي جو ڪم جاري آهي جيڪو 15 جون تائين مڪمل ڪيو ويندو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته زراعت جي ترقي لاءِ خاص اپاءَ اختيار ڪيا ويندا، وڏي وزير زراعت کاتي کان ڪارپوريٽ فارمنگ بابت تجويزون طلب ڪري ورتيون. وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته زرعي شعبي ۾ دوست ملڪن جي ٽيڪنالاجي مان فائدو وٺي ترقي ڏياري وڃي، جيستائين فصل جي پيدوار ۾ اضافو نه ٿيندو، هاري مضبوط ٿيندو نه ئي معيشيت مستحڪم ٿيندي. وڏي وزير مراد علي شاهه زراعت کاتي کي مارڪيٽ ۾ سرٽيفائيڊ ٻج جي دستيابي کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. وڏي وزير چيو ته وفاق ۽ صوبن وچ ۾ ڊيٽا شيئرنگ جي حوالي سان به غور ٿيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
26.4 ° C
26.4 °
26.4 °
27%
3m/s
0%
اربع
27 °
خميس
29 °
جمعو
28 °
ڇنڇر
26 °
آچر
25 °

تازه ترين خبرون