غزه ۾ اسرائيل جي دهشتگردي جاري آهي، تازي بمباري ۾ وڌيڪ 74 فلسطيني شهيد

- Advertisement -
غزه ۾ اسرائيل جي دهشتگردي جاري آهي، تازي بمباري ۾ وڌيڪ 74 فلسطيني شهيد ۽ 114 ڄڻا زخمي ٿيا آهن. فلسطيني ميڊيا جو چوڻ آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران اسرائيل 7 هنڌن تي بمباري ڪئي، خان يونس، النصيرات، جباليه سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ گھر مٽيءَ جي ڍير ۾ تبديل ٿي ويا. فلسطيني ميڊيا موجب، امداد جي منتظر فلسطينين تي حملي ۾ 19 ڄڻا شهيد ٿي ويا جڏهن ته الشفا اسپتال جي ڇهين ڏينهن محاصري دوران وڌيڪ 5 مريضن دم ڏئي ڇڏيو جنهن کانپوءِ اسپتال تي فائرنگ ۾ شهيد ٿيلن جو انگ 170 ٿي ويو آهي. فلسطيني ميڊيا موجب، ميڊيڪل ڪمپليڪس مان 10 هيلٿ ورڪرن سميت 240 ڄڻن کي  گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو. فلسطيني ميڊيا جو وڌيڪ چوڻ هو ته 7 آڪٽوبر کان هن وقت تائين اسرائيلي حملن ۾ شهيدن جو مجموعي تعداد 32 هزار 142 ٿي ويو جڏهن ته 74 هزار 412 زخمي ٿي چڪا آهن…….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.2 ° C
19.2 °
19.2 °
41%
3.2m/s
0%
خميس
19 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
26 °
آچر
25 °
سُومر
27 °

تازه ترين خبرون