- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه شهيد صحافي نصر الله گڏاڻي جي قتل جي عدالتي جاچ ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار کي خط لکي عدالتي جاچ ڪرائڻ جي هدايت ڪئي.
صحافي تنظيمن پاران مير پور ماٿيلي جي شهيد صحافي نصر الله گڏاڻي جي قتل جي عدالتي جاچ لاءِ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي خط لکيو ويو هو.
واضح رهي ته هڪ هفتو اڳ ميرپور ماٿيلي ۾ هٿياربندن صحافي نصر الله گڏاڻي کي گوليون هڻي مرڻينگ ڪري ڇڏيو هو، جيڪو ڪراچي جي اسپتال ۾فوت ٿي ويو هو.- Advertisement -
