تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن ڏکڻ مقررين ۽ بدلين ۾ رشوت وٺڻ جي سمورن الزامن کي سختي سان رد ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن ڏکڻ مقررين ۽ بدلين ۾ رشوت وٺڻ جي سمورن الزامن کي سختي سان رد ڪري ڇڏيو. ڊپٽي ڊائريڪٽر اسد ميراڻي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اينٽي ڪرپشن کاتي ۾ مقررين ۽ بدلين تي رشوت وٺڻ جا سمورا الزام ڪوڙا آهن. سندس چوڻ هو ته ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ سنڌ امتياز ابڙو سختي سان حڪم ڏنو آهي ته ڪرپشن ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي. ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن ڏکڻ اسد ميراڻي چيو ته اينٽي ڪرپشن کاتي ۾ ڪو به آفيسر منٿلي نٿو وٺي، اهي جيڪي به رپورٽون يا الزام آهن اهي بي بنياد آهن. هن چيو ته اينٽي ڪرپشن ڏکڻ زون جنهن ۾ ضلعي ڏکڻ ۽ ڪورنگي جي سمورن آفيسرن کي هدايت ڪئي آهي ته جيڪڏهن رشوت جي شڪايت ملي ته ان آفيسر خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن ڏکڻ چيو ته سندن ڪرپشن خلاف ڪاروايون جاري آهن، هڪ مهيني ۾ ٻه ڪيس داخل ڪيا آهن ۽ ڪتريون ئي انڪوائريون جاري آهن. اسد ميراڻي چيو ته جيڪڏهن ميڊيا وارا ڪرپشن بابت ڪا نشاندهي ڪئي ته انڪوائري ڪئي ويندي، ڪجهه عرصو اڳ سندس ڊپٽي ڊائريڪٽر ڏکڻ طور مقرري ٿي آهي پر هو قسم کڻي ٿو ڪنهن کي به رشوت طور هڪ رپيو به نه ڏنو آهي اهڙا الزام بي بنياد آهن هو الزامن کي رد ڪري ٿو.  
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22 ° C
22 °
22 °
33 %
2.5kmh
6 %
ڇنڇر
22 °
آچر
24 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون