- Advertisement -
مختلف شهرن ۾ بينظير انڪم سپورٽ جي رقم مان ڪٽوتي جو سلسلو جاري آهي، ڊوائز مافيا خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.
پيرجو ڳوٺ ۾ مستحق عورتن جي وظيفي جي رقم مان ڪٽوتي ڪرڻ خلاف جسقم ڪارڪنن پاران فرمان مهيسر، جنسار مهيسر، حبيب ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
اڏيرو لال ۾ بينظير انڪم سپورٽ سينٽر ۾ وظيفي جي رقم مان ڪٽوتي خلاف مستحق عورتن پاران احتجاج ڪيو ويو.
احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته ڊوائيز هولڊر پاران سرعام مستحق عورتن جي وظيفي جي رقم مان 15سئو کان 2 هزار تائين جي ڪٽوتي ڪئي پئي وڃي.
هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي ڪٽوتي ڪندڙ ڊوائيز هولڊرز خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃِي- Advertisement -
