- Advertisement -
نيپرا طرفان گهريلو واهپيدارن تي لاڳو فڪسڊ چارجز پهرين جولاءِ کان وصول ڪيا ويندا، جنهن جا تفصيل سامهون اچي ويا آهن.
فڪسڊ چارجز 200 يونٽ استعمال ڪندڙن کان نه ورتا ويندا، 301 کان 400 يونٽ استعمال ڪندڙ ماهوار 200 رپيا ماهوار اضافي رقم وصول ڪئي ويندي.
401 کان 500 يونٽ استعمال ڪندڙ 400 رپيا، 501 کان 600 يونٽ استعمال ڪندڙ 600 رپيا، 601 کان 700 يونٽ استعمال ڪندڙن کان 800 رپيا ماهوار وصول ڪيا ويندا.
تفصيلن موجب ست سئو کان وڌيڪ يونٽ استعمال ڪندڙن کان فڪسڊ چارجز هڪ هزار رپيا ورتا ويندا، فڪسڊ چارجز ۾ اضافي جو مقصد بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين جي روينيو ۾ اضافو ڪرڻ آهي- Advertisement -
