تازه ترين

سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻن سالن کان گم ٿيل نينگري جي ڳولا بابت جاچ آفيسر ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين کان جواب طلب ڪري ورتو

- Advertisement -
سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻن سالن کان گم ٿيل نينگري جي ڳولا بابت جاچ آفيسر ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين کان جواب طلب ڪري ورتو. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻن سالن کان گم ٿيل نينگري جي بازيابي لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي. عدالت ۾ پوليس ماءُ تي نينگري کي وڪرو ڪرڻ جو الزام لڳائي ڇڏيو. پوليس عدالت موقف اختيار ڪيو ته نينگري جي ماءُ جي نشاندهي تي مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا. پوليس جو چوڻ هو ته مومل جي ڌي ثانيه پرڻيل آهي، جنهن کي سندس ماءُ وڪرو ڪيوآهي. درخواستگذار جي وڪيل چيو ته هن مهل تائين پوليس  ڪا به ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهي آهي، پوليس رڳو الزام لڳائي رهي آهي. وڪيل چيو ته پوليس الزام لڳائڻ بدران نينگري کي ڳولي عدالت ۾ پيش ڪري. عدالت ۾ گهرو کاتي جي فوڪل پرسن چيو ته نينگري جي ڳولا لاءِ گڏيل جاچ ٽيم جوڙي وئي آهي. عدالت چيو ته جي آءِ ٽي اجلاس ۽ اڳڀرائي واري رپورٽ بابت ٽن هفتن اندر عدالت کي آگاهه ڪيو وڃي. عدالت جاچ آفيسر ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين کان جواب طلب ڪري ورتو…
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.8 ° C
22.8 °
22.8 °
34 %
1.6kmh
1 %
آچر
33 °
سُومر
35 °
اڱارو
37 °
اربع
37 °
خميس
34 °

تازه ترين خبرون