تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ختم نبوت تي سندن مڪمل ايمان آهي، ڪنهن کي قتل جي فتويٰ جو حق نه ٿو ڏئي  سگهجي: اعظم نذير تارڙ

- Advertisement -
قانون واري وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته ختم نبوت تي سندن مڪمل ايمان آهي، ڪنهن کي قتل جي فتويٰ جو حق نه ٿو ڏئي  سگهجي. قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي قانون واري وزير، اعظم نذير تارڙ چيو ته ختم نبوت جو عقيدو سندن ايمان جو حصو آهي، ان لاءِ رياست جي زيرو ٽالرنس هجڻ گهرجي. هن چيو ته اهو هڪ اهڙو قانوني معاملو آهي، جنهن کي پارليامينٽ ۾ بحث هيٺ آڻڻ گهرجي عدالت کي آئين جي تشريح جو اختيار حاصل آهي، ملڪ جو  نظام آئين ۽ قانون موجب هلندو. اعظم نذير تارڙ  تجويز ڏني ته ملڪ ۾ سٺا مذهبي عالم موجود آهن، معاملو ڪميٽيءَ حوالي ڪيو وڃي، فيصلي جو لفظ لفظ پڙهڻ بعد راءِ قائم ڪئي وڃي، اهو شرعي ۽ آئيني مسئلو آهي، ڪميٽي فيصلو ڪري ايوان کي ٻڌائيندي ته ڇا ڪرڻو آهي. قانون واري وفاقي وزير چيو ته آئين جي تشريح ڪندي ڪجهه شقن ئي ري رائٽ ڪيو ويو آهي، ڪميٽيءَ کي ٽائيم فريم ڏنو وڃي ته جيئن معاملو دير جو شڪار نه ٿئي. هن چيو ته  وزيراعظم نيشنل هيپاپائٽس پروگرام جو افتتاح ڪيو آهي، صحت بابت ماڻهن کي معياري سهولتون ملنديون.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
18.3 ° C
18.3 °
18.3 °
31 %
1.5kmh
30 %
اربع
26 °
خميس
27 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
24 °
آچر
25 °

تازه ترين خبرون