تازه ترين

سنڌ جي مختلف شهرن ۾  77هون آزاديءَ جو ڏهاڙو قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي

- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾  77هون آزاديءَ جو ڏهاڙو قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي. ڪراچي ۾ جشن آزادي جي مک تقريب سنڌ اسيمبلي ۾ ڪوٺائي وئي. تقريب ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر جي ايم پي ايز شرڪت ڪئي. حيدرآباد ۾ جشن آزادي جي ڏهاڙي تي تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ ميئر ڪاشف شورو، ڪمشنر بلال ميمڻ، ڊي آءِ جي طارق رزاق ڌاريجو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. لاڙڪاڻي ۾ جشن آزادي جي مک تقريب ميونسپل اسٽيڊيم ۾ منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ پ پ ايم پي اي جميل احمد سومرو، ميئر انور علي لهر، ڪمشنر لاڙڪاڻو، ضلعي ڪائونسل چيئرمين اعجاز احمد لغاري، ڊپٽي ڪمشنر ۽ ٻين شرڪت ڪئي. تقريب ۾ پاڪستان جو قومي جهنڊو ڦڙڪائي سلامي ڏئي ملڪ جي خوشحالي جون دعائون گهريون ويون. نوابشاهه ۾ جشن آزادي جي مک تقريب ڊي سي آفيس ۾ منعقد ڪئي وئي. ڪمشنر سيد ساجد حيدر شاهه ۽ ڊي سي شهريار گل ميمڻ جهنڊو ڦڙڪايو. ميرپور خاص ۾ آزادي جي 77 هين ڏهاڙي تي مک تقريب ڪمشنر ڪمپليڪس ۾ ڪوٺائي وئي. تقريب ۾ ايم پي اي هري رام ڪشوري، ڪمشنر فيصل عقيلي، ڊي آءِ جي جاويد جسڪاڻي، ايس ايس پي اسد علي چوڌري ۽ ٻين شرڪت ڪئي. تقريب ۾ قومي جهنڊو ڦڙڪائي جهنڊي کي سلامي پش ڪئي وئي. خيرپور ۾ جشن آزادي جي ڏهاڙي جي مک تقريب گورنمينٽ ناز پائليٽ اسڪول ۾ منعقد ڪئي وئي. جيڪب آباد ۾ 77 هين آزاديءَ جي ڏهاڙي جي مک تقريب ڊي سي آفيس ۾ ڪوٺائي وئي. تقريب ۾ ڊپٽي ڪمشنر، ظهور احمد مري، ايس اس پي سيد سليم شاهه، ميونسپل چيئرمين غلام عباس ۽ ٻين شرڪت ڪئي. دادو ۾ جشن آزادي جي ڏهاڙي تي تقريبون ۽ ريليون ڪڍي جهنڊا ڦڙڪايا ويا. شهداد ڪوٽ ۾ جشن آزادي جي ڏهاڙي جي مک تقريب ميونسپل ڪاميٽي آفيس ۾ منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر، ميونسپل چيئرمين ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ڪشمور ۾ آزادي جي ڏهاڙي جي تقريب هندو پئنچائت هال ۾ ڪوٺائي وئي. تقريب ۾ سياسي سماجي، مذهبي تنظمين جي اڳواڻن ، شاگردن ۽ استادن شرڪت ڪئي. قمبر ۾ ملڪ جي 77 هين آزادي جي ڏهاڙي تي مک تقريب ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ ڪوٺائي وئي. تقريب ۾ ڊي سي سجاد حيدر قادري، ضلعي چيئرمين ۽ ٻين شرڪت ڪئي. مٽياري ۾ به جشن آزادي جي ڏهاڙي تي ڊي سي آفيس ۾ مک تقريب ڪوٺائي جهنڊو ڦڙڪايو ويو. بدين ۾ جشن آزادي جي ڏهاڙي تي مک تقريب جيم خاني ۾ منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ ڊپٽي ڪمشنر ياسر ڀٽي، ضلع ڪائونسل جي چيئرمين ڄام علي اصغر هاليپوٽو ۽ ايس ايس پي شيراز نذير شرڪت ڪئي. ٺٽي ۾  77هين آزاديءَ جي  ڏهاڙي جي تقريب مڪلي پريس ڪلب ۾ ڪوٺائي وئي. تقريب ۾ صحافين، سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ٽنڊو محمد خان ۾ جشن آزادي جي مک تقريب ڊسٽرڪٽ ڪامپليڪس ۾ منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ ڊپٽي ڪمشنر ڌرمون ڀاواني، ايس ايس پي عابد بلوچ ۽ ٻين قومي جهنڊو ڦڙڪائي سلامي پيش ڪئي. ڪوٽڙي ۾ 77 هين آزاديءَ جي ڏهاڙي تي گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج ۾ مک تقريب ڪوٺائي وئي. تقريب ۾ ڊي سي ۽ ايس ايس پي قومي جهنڊو ڦڙڪائي سلامي پيش ڪئي. رتيديري ۾ 14 آگسٽ جي ڏهاڙي تي ميونسپل ڪاميٽي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. سيٺارجا ۾ جشن آزادي جي ڏهاڙي تي مک تقريب ٽائون هال ۾ ڪوٺائي قومي جهنڊو ڦڙڪايو ويو. راڻيپور ۾ جشن آزادي جي ڏهاڙي تي مختلف اسڪولن ۽ ڪاليجن جي شاگردن پاران پاران ريلي ڪڍي وئي. مٺي ۾ جشن آزادي جي ڏهاڙي تي ميونپسل آفيس ۾ تقريب ڪوٺائي قومي جهنڊو ڦڙڪايو ويو. عمر ڪوٽ ۾ به آزادي جي ڏهاڙي جي مک تقريب گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج ۾ ڪوٺائي وئي. تقريب ۾ ميونسپل چيئرمين، ڊي سي، ايس ايس پي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. سنڌڙي ۾ 77 هون آزاديءَ جو ڏهاڙو جوش جذبي سان ملهايو پيو وڃي. جشن آزادي جي مک تقريب ٽائون حال ۾ ڪوٺائي وئي. تقريب ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر عبدالغفار لاکير، ٽائون چيئرمين ڊاڪٽر رخسانا شر، مختيار ڪار آصف علي عمراڻي قومي جهنڊو ڦڙڪائي جهنڊي کي سلامي ڏني. ان موقعي تي پاڪستان جي سلامتي ۽ خوشحالي جي لاءِ دعا گهري وئي ڀريا روڊ، نئون ديرو، ڪنري، نبي سر روڊ، جاتي، ڪوٽ غلام محمد، ٽنڊي باگي، کورواهه، ڄام نواز علي، دريا خان مري، نواب ولي محمد، ڪيٽي بندر، ٽنڊي ڄام، نئون ڪوٽ، ماتلي،  پڊعيدن،  ميرپور بٺورو……
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.5 ° C
21.5 °
21.5 °
46 %
1.7kmh
0 %
جمعو
30 °
ڇنڇر
32 °
آچر
33 °
سُومر
35 °
اڱارو
35 °

تازه ترين خبرون