تازه ترين

سنڌ صوبي ۾ گرميءَ جون موڪلون ختم ٿيڻ کانپوءِ سمورا تعليمي ادارا اڄ کان کـُلي ويا

- Advertisement -
سنڌ صوبي ۾ گرميءَ جون موڪلون ختم ٿيڻ کانپوءِ سمورا تعليمي ادارا اڄ کان کـُلي ويا آهن. ميرپورخاص ۾ گرميءَ جون موڪلون ختم ٿيڻ بعد اسڪول کلي ويا، سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ پاران درسي ڪتاب گهٽ ملڻ سبب اسڪولن جي شاگردن کي ڪتاب مڪمل نه ملي سگهيا. ميرپورخاص ايجوڪيشن آفيسر سليمان گرگيز، سنڌڙي جي آفيسر امير بخش پنهور، شجاع آباد جي آفيسر نظير خاصخيلي ۽ اياز عمراڻي  جو چوڻ آهي ته  اسڪولن ۾ درسي ڪتاب 50 سيڪڙو کان به گهٽ مليا آهن، جنهن ۾ پهرين ۽ ٻئي ڪلاس جا ڪتاب موجود ئي نه آهن، جڏهن ته مختلف ڪلاسن جي سبجيڪٽن جا ڪتاب به گهٽ آهن. سندن چوڻ هو ته هنن سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ سميت اعليٰ اختيارين کي ليٽر لکي ڇڏيا آهن جن ڪجهه ڏينهن اندر ڪتاب موڪلڻ جي خاطري ڪرائي آهي. ڪنڊيارو  ۾ گرميءَ جي موڪلن بعد اسڪول کلي ويا آهن، تعلقي جي اسڪولن ۾ درسي ڪتاب ورهايا پيا وڃن. ٽي اي او  پرائمري محمد جعفرڪليري جو چوڻ آهي ته  اسڪولن ۾  درسي ڪتاب ورهائڻ شروع ڪري ڇڏيا اهي،  تعليم هر ٻار جو بنيادي حق آهي، تعليم سان قومون ترقي ڪنديون آهن، والدين پنهنجي اولاد جي تعليم تي خاص ڌيان ڏين. جمال شاھه  ۾ به تعليمي ادارا کلي ويا آهن، جڏهن ته اسڪولن ۾ درسي ڪتابن، فرنيچر جي کوٽ  هجڻ سبب  ٻارڙا پٽ تي ويهي تعليم پرائڻ تي مجبور آهن. استادن  جو چوڻ آهي ته اسڪولن ۾ درسي ڪتاب 50 سيڪڙو مليا آهن، ڪيترن ئي شاگرد کي درسي ڪتاب ناهن ملي سگهيا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.5 ° C
21.5 °
21.5 °
46 %
1.7kmh
0 %
جمعو
30 °
ڇنڇر
32 °
آچر
33 °
سُومر
35 °
اڱارو
35 °

تازه ترين خبرون