- Advertisement -
لاهور هائيڪورٽ انٽرنيٽ جي بندش خلاف درخواست تي وفاقي حڪومت جي وڪيل کي هدايتون وٺي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
لاهور هائيڪورٽ ۾ سڄي ملڪ ۾ انٽرنيٽ جي بندش خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي.
جسٽس شڪيل احمد، نديم سرور جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
درخواست ڏيندڙ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ملڪ ۾ بنا ڪنهن نوٽيس ۽ سبب جي انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا ايپس بند ڪيون ويون آهن، انٽرنيٽ جي بندش سان ڪاروبار سميت زندگي جو هر شعبو متاثر ٿي رهيو آهي.
درخواست ۾ چيو ويو ته انٽرنيٽ بند ڪرڻ بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي آهي، وفاقي حڪومت جو انٽرنيٽ بند ڪرڻ وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.
درخواست ڏيندڙ عدالت کي اپيڪ ڪئي آهي ته ملڪ ۾ انٽرنيٽ کي مڪمل ۽ فوري بحال ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا وڃن.
عدالت وفاقي حڪومت جي وڪيل کي هدايتون وٺي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو……..- Advertisement -
