- Advertisement -
پيپلزپارٽي جي مرڪزي اڳواڻ شازيه مري چيو آهي ته اسان جي لاءِ سڀ کان پهريان پاڪستان آهي، فلسطين ۽ ڪشمير ۾ ڏسو ڇا ٿي رهيو آهي؟، سڀني کي انا ڇڏي ملڪ لاءِ متحد ٿيڻو پوندو.
ايم اين اي شازيه مري پنهنجي تڪ سانگهڙ ۾ برسات کانپوءِ شهر جي ڊسپوزل تي پهچي پاڻي جي نيڪال جو جائزو ورتو.
ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي پ پ اڳواڻ شازيه مري چيو ته انتظاميا برسات جو پاڻي نيڪال ڪرائڻ لاءِ قدم کنيا آهن.
هن چيو ته پيپلزپارٽي عوامي پارٽي آهي ۽ عوام جي خدمت تي يقين رکي ٿي……- Advertisement -
