- Advertisement -
پنهنجي ٻارن جي شهادت جو اطلاع ملڻ تي حماس اهلڪار اسرائيلي يرغمالين تي فائرنگ ڪري هڪ ڄڻي کي قتل ڪري ڇڏيو.
غزه ۾ اسرائيلي يرغمالين جي حفاظت لاءِ مقرر حماس جي هڪ اهلڪار گوليون هڻي هڪ قيدي کي قتل ۽ ٻن عورتن کي زخمي ڪري ڇڏيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب القسام بريگيڊز جي ترجمان ابو عبيده حماس جي اهلڪار جي فائرنگ ۾ اسرائيلي يرغمالي جي قتل واقعي بابت تفصيل ٻڌايا.
ترجمان ابو عبيده موجب اسرائيلي يرغمالين جي حفاظت تي مقرر هڪ حماس اهلڪار کي جڏهن ته بمباري ۾ سندس 2 ٻار شهيد ٿيڻ جو اطلاع مليو ته هو پنهنجو ذهني توازن وڃائي ويٺو ۽ ضابطن جي خلاف ورزي ڪندي بدلي ۾ اسرائيلي يرغمالين تي فائرنگ ڪئي.
حماس جي عسڪري ونگ القسام بريگيڊز جي ترجمان موجب اسرائيلي يرغمالين تي حملي بعد مذهبي حڪمن موجب ورتاءُ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.- Advertisement -
