تازه ترين

اسلام آباد ۾ قلم 144 لاڳو آهي، قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙ نرميءَ جي اميد نه رکن:محسن نقوي

- Advertisement -
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته اسلام آباد ۾ قلم 144 لاڳو آهي، قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙ نرميءَ جي اميد نه رکن، تحريڪ انصاف اسلام آباد تي حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، انتظاميه جلسي لاءِ هنڌ مقرر ڪري قلم 144 لاڳو ڪيو، جيڪڏهن ڪو پرڏيهي مهمان اسلام آباد ۾ اچي ته اهڙي قسم جو احتجاج  ڪرڻ مناسب ناهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي محسن نقوي چيو ته ملائيشيا جو وزيراعظم پاڪستان آيل آهي، اسلام آباد ۾ اهم عالمي تقريبون جاري آهن. هن چيو ته پرڏيهي سربراهه جي موجودگيءَ ۾ پي ٽي آءِ جو احتجاج مناسب ناهي. محسن نقوي چيو ته اسلام آباد انتطاميا جلسي لاءِ هنڌ مقرر ڪيو آهي، پر پي ٽي آءِ احتجاج جو سڏ ڏنو آهي، قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙ نرميءَ جي اميد نه رکن. گهرو وزير چيو ته سعودي ۽ چيني وفد به پاڪستان پهچي رهيا آهن، ڪنٽينر بيهارڻ سندن مجبوري آهي، فوج ۽ پيرا ملٽري فورسز کي اسلام آباد طلب ڪيو ويو آهي، احتجاج روڪڻ لاءِ هو هر حد تائين ويندا محسن نقويءَ چيو ته هو نٿا چاهن ته ملڪ جي بدنامي ٿئي، احتجاج ڪرڻ هر ڪنهن جو حق آهي پر ڏهن ٻارهن ڏينهن ۾ نه ڪيو وڃي، ڪو به احتجاج برداشت نه ڪيو ويندو. وفاقي گهرو وزير چيو ته مولانا فضل الرحمان سان 25 ورهين کان تعلق آهي، جيڪو ڪنهن جي خواهش تي ختم نٿو ڪري سگهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
11 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
26 ° C
26 °
26 °
29 %
1.3kmh
0 %
جمعو
30 °
ڇنڇر
32 °
آچر
32 °
سُومر
35 °
اڱارو
36 °

تازه ترين خبرون