تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

انٽر بورڊ جي اڳوڻي چيئرمين سميت ٻين جوابدارن جي گرفتاري کان اڳ واري ڪچي ضمانت ۾ واڌ

- Advertisement -
عدالت انٽرميڊيئيٽ ۾ شاگردن جي نتيجن ۾ ڦيرڦار واري ڪيس ۾ انٽر بورڊ جي اڳوڻي چيئرمين نسيم ميمڻ سميت ٻين جوابدارن جي گرفتاري کان اڳ واري ڪچي ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي. صوبائي اسپيشل اينٽي ڪرپشن ڪورٽ ۾ انٽربورڊ جي اڳوڻي چيئرمين سميت بورڊ عملدارن جي پڪي ضمانت واري داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي. اڳوڻو چيئرمين انٽر بورڊ پروفيسر نسيم احمد ميمڻ، اڳوڻو چيئرمين انٽر بورڊ ڊاڪٽر سعيد الدين سميت ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا. جوابدارن جي وڪيل چيو ته جوابدارن جو ڪيس سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ هلندڙ آهي، هاءِ ڪورٽ مان ڪيس بابت منهه نامو جاري ٿيل آهي تنهن ڪري تاريخ ڏني وڃي. عدالت جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ واڌ ڪندي ٻڌڻي 12 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. عدالت انٽر بورڊ جي اڳوڻي چيئرمين نسيم ميمڻ سميت ٻين جوابدارن جي گرفتاري کان اڳ واري ڪچي ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي. عدالت هن کان اڳ جوابدارن جي هڪ ھڪ لک رپين جا ڪاغذي مچلڪا جمع ڪرائڻ عيوض گرفتاري کان اڳ واري ڪچي ضمانت منظور ڪئي ھئي. جوابدارن پاران سندن خلاف انڪوائري ڪرڻ بابت هاءِ ڪورٽ مان منهه نامو جاري ٿيل آهي. هن کان اڳ عدالت کي جاچ آفيسر ٻڌايو ته جوابدارن خلاف اينٽي ڪرپشن اولهھ ۾ ڪيس داخل آهي. اينٽي ڪرپشن جي جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته وڏي وزير پاران جوڙيل انڪوائري ڪميٽي جي سفارشن تي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو هو. عدالت ۾ ٻڌڻي دوران اينٽي ڪرپشن جي جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته اڳوڻو چيئرمين بورڊ پروفيسر نسيم ميمڻ ۽ ٻين جوابدارن تي پري ميڊيڪل 2022 جي نتيجن ۾ ڦيرڦار جا الزام آهن. جاچ آفيسر چيو ته جوابدارن شاگردن جي نتيجن ۾ ڦيرڦار ڪري حقدار شاگردن جو مستقبل خراب ڪيو آهي. ان کان اڳ انٽر بورڊ ڪراچي جي چيئرمين پروفيسر نسيم ميمڻ کي سنڌ هاءِ ڪورٽ جنسي هراسان واري الزام هيٺ سندس عهدي تان هٽائي ڇڏيو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
23.1 ° C
23.1 °
23.1 °
29 %
2kmh
57 %
اربع
23 °
خميس
29 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
29 °

تازه ترين خبرون