- Advertisement -
سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته 26هين آئيني ترميم لاءِ اڻٿڪ محنت ڪرڻ تي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي ڀيٽا پيش ڪري ٿو.
شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته 26هين آئيني ترميم جو مقصد قوم کي متحد ۽ وفاق کي مضبوط ڪرڻ آهي، سمورين سياسي طاقتن کي ان پٺيان متحد هئڻ گهرجي.
شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته هاڻي به وقت آهي ته پي ٽي آءِ ورهاست جي سياست کي هڪ طرف رکي قوم جي فلاح لاءِ آئيني ترميم جي حمايت جو اعلان ڪري.
صوبائي وزير جو چوڻ هو ته ميثاق جمهوريت ۾ صوبائي نمائندگي کي يقيني بڻائڻ ۽ وفاق کي مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ٿيو هو.
شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته ميثال جمهوريت تحت آئيني ترميم صوبائي نمائندگي کي يقيني بڻائڻ ۽ جمهوري ادارن کي بااختيار بڻائڻ طرف اهم ۽ سٺو قدم آهي.
شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته عدليه ۽ قانونسازي وچ ۾ توازن برقرار رکڻ جي لاءِ آئيني عدالت جو تصور سڀ کان پهريان قائداعظم محمد علي جناح ڏنو هو.- Advertisement -
