- Advertisement -
سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس يحيٰ آفريديءَ بلوچستان ۾ سب جيل جو دورو ڪيو.
سپريم ڪورٽ طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو ته چيف جسٽس يحيٰ آفريديءَ سب جيل گوادر جو دورو ڪيو، جنهن دوران هن قيدين کي ملندڙ سهولتن جو جائزو ورتو.
پڌرائي موجب چيف جسٽس قيدين جي ڀلائي ۽ انفرااسٽرڪچر جي بهتري تي ڌيان ڏيڻ جي فوري ضرورت تي زور ڀريو.
چيف جسٽس صوبي جي هر ڊويزن ۾ هڪ جيل قائم ڪرڻ تي به زور ڀريو.
دوري دوران بلوچستان هائيڪورٽ جو چيف جسٽس هاشم ڪاڪڙ به چيف جسٽس سان گڏ هو، جڏهن ته ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج گوادر ۽ آءِ جي جيلز به سب جيل گوادر جو دورو ڪيو.- Advertisement -
