- Advertisement -
بلوچستان جي زوب ضلعي ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي دوران 15 دهشتگرد مارجي ويا ۽ هڪ جوان بهادريءَ سان وڙهندي شهيد ٿي ويو.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته سڪيورٽي فورسز ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي زوب ضلعي جي علائقي سمبازا ۾ آپريشن ڪيو.
آپريشن دوران 15 دهشتگرد مارجي ويا، جن وٽان وڏي انگ ۾ هٿيار، بارود ۽ ڌماڪيدار مادو هٿ ڪيو ويو آهي.
آءِ ايس پي آر موجب فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 32 ورهين جو سپاهي عارف الرحمان بهادريءَ سان وڙهندي شهيد ٿي ويو، جنهن جو تعلق مانسهره سان هو.
پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته علائقي ۾ موجود دهشتگرد جي بي اثر ڪرڻ لاءِ ڪليئرنس آپريشن ڪيو ويو، سڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگرديءَ جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، بهادر جوانن جون قربانيون سندن عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.- Advertisement -
