- Advertisement -
امريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن عراقي وزيراعظم سان ملاقات ڪئي جنهن دوران شام جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
عرب ميڊيا موجب، امريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن اڻ اعلانيل دوري تي عراق پهتو جتي هن عراقي وزيراعظم محمد شياع السوداني سان ملاقات ڪئي.
بغداد ۾ ٿيل ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن شام جي تازي صورتحال ۽ داعش خلاف جنگ جاري رکڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون.
ميڊيا رپورٽن موجب، امريڪي پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته بشار الاسد جي حڪومت جي خاتمي کانپوءِ هي عراق جي لاءِ پنهنجي خودمختياري کي مستحڪم ڪرڻ جو لمحو آهي.
هن چيو ته امريڪا ۽ عراق گڏيل طور تي ان ان علائقائي خلافت جو رستو روڪڻ ۾ زبردست ڪاميابي حاصل ڪئي آهي جيڪا ڪيئي ورهيه اڳ داعش قائم ڪئي هئي.
انٽوني بلنڪن وڌيڪ چيو ته شام ۾ داعش جي موجودگي کي نظر ۾ رکندي ان ڪاميابي جي اهميت عراق کان وڌيڪ ڪوبه نٿو ڄاڻي ۽ هو پرعزم آهن ته داعش کي ٻيهر اڀرڻ نه ڏيندا ۽ نه ئي شام کي دهشتگردي جو پليٽ فارم بڻجڻ ڏيندا.
واضح رهي ته بشار الاسد جي حڪومت جي خاتمي کانپوءِ انتوني بلنڪن وچ اوڀر جي دوري تي آهي ۽ ان دوري ۾ عراق سندس آخري منزل هئي.
ان کان اڳ هو ترڪيه ويو هو جتي هن صدر طيب اردوان سان ملاقات ڪئي هئي- Advertisement -
