- Advertisement -
سپريم جڊيشل ڪائونسل جي اجلاس ۾ ججز ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ ۾ ترميم لاءِ جسٽس منيب اختر جي سربراهيءَ ۾ ڪميٽي قائم ڪري ججن خلاف 35 کان 30 شڪايتون خارج ڪيون ويون.
چيف جسٽس يحيٰ آفريديءَ جي صدارت هيٺ سپريم جڊيشل ڪائونسل جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس منيب اختر، اسلام آباد هائيڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ۽ بلوچستان هائيڪورٽ جي چيف جسٽس هاشم ڪاڪڙ شرڪت ڪئي.
اجلاس جي جاري ڪيل پڌرنامي ۾ چيو يو ته جڊيشل ڪميشن، ججن خلاف 35 مان 30 شڪايتون خارج ڪري ڇڏيون.
پڌرنامي موجب اجلاس ۾ ججز ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ ۾ ترميم جو معاملو به غور هيٺ آيو، جنهن تي جسٽس منيب اختر جي سربراهيءَ ۾ ڪميٽي قائم ڪئي وئي.- Advertisement -
