- Advertisement -
پاڪستان غزا جي شهرين لاءِ امداد جي 18 هين کيپ رواني ڪري ڇڏي، سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ جو چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف هر سطح تي فلسطينين لاءِ آواز بلند ڪيو آهي، پاڪستان فلسطينين جي اصولي موقف جي حمايت جاري رکندو، پاڪستان فلسطيني ڀائرن کي امداد ڏيڻ لاءِ عملي قدم کنيا آهن.
وزيراعظم شهباز شريف جي خاص هدايتن تي پاڪستان طرفان غزا لاءِ وڌيڪ امدادي سامان روانو ڪيو ويو.
اسلام آباد انٽر نيشنل ايئرپورٽ تان هڪ سئو ٽن امدادي سامان تي ٻڌل 18هين کيپ خصوصي جهاز ذريعي رواني ڪئي وئي.
سامان ۾ راشن جا ٿيلها، تيار کاڌو ۽ دوائون شامل آهن.
سامان روانگي واري تقريب ۾ سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي فلسطيني سفير سميت حڪومتي نمائندا ۽ اين ڊي ايم اي جا اعليٰ آفيسر به موجود هئا.
ميڊيا سان ڳالهائيندي عطا تارڙ چيو ته وزيراعظم شهباز شريف هر سطح تي فلسطينين لاءِ آواز بلند ڪيو آهي، پاڪستان فلسطينين جي اصولي موقف جي حمايت جاري رکندو، پاڪستان فلسطيني ڀائرن کي امداد ڏيڻ لاءِ عملي قدم کنيا آهن……..- Advertisement -
