- Advertisement -
اسلام آباد سپريم ڪورٽ جي بيسمينٽ واري ڪينٽين ۾ گئس سئلينڊر ڌماڪي سبب 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ٻن ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.
اسلام آباد سپريم ڪورٽ جي بيسمينٽ واري ڪينٽين ۾ گئس سئلينڊر ڌماڪو ٿيو، نتيجي ۾ 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ڌماڪي سبب بار ايسوسيئيشن جي رسيپشن جا شيشا ٽٽي پيا، ڌماڪي سبب وڪيل، سپريم ڪورٽ اسٽاف سڀ ٻاهر نڪري آيا، ڌماڪي سبب سپريم ڪورٽ جو ڪمرا عدالت نمبر 6 به متاثر ٿيو آهي.
آءِ جي اسلام آباد سپريم ڪورٽ ٻاهران ڳالهائيندي چيو آهي ته 10 لڳي 55 منٽن تي سپريم ڪورٽ ڪينٽن ۾ اي گئس ڌماڪو ٿيو.
سندس چوڻ هو ته گئس سلينڊر جي ڌماڪي جي نتيجي ۾ 12 ڄڻا زخمي ٿيا پيا جن مان 3 پمس اسپتال ۽ 9 ڄڻن کي پولي ڪلينڪ منتقل ڪيو ويو آهي.
آءِ جي اسلام آباد جو چوڻ هو ته ٻن ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.، ڪينٽين ۾ ڪيترائي ماڻهو گئس ليڪيج ٿي رهيو هو، اي سي جي مرمت دوران ڌماڪو ٿيو.
آءِ جي اسلام آباد جو چوڻ هو ته ماهرن به ڪليئر ڪيو آهي ته ڌماڪو گئس جو ٿيو آهي، اي سي ٽيڪنيشن وڌيڪ زخمي آهي، هڪ ٽيڪنيشن جو 80 سيڪڙو جسم سڙي ويو آهي.- Advertisement -
