تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

غزا ۾ امن معاهدي تي عمل لاءِ ڪوششون جاري آهن : اسحاق ڊار

- Advertisement -
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو آهي ته غزا ۾ امن معاهدي تي عمل لاءِ ڪوششون جاري آهن، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي موجودگي دوران غزا امن معاهدي تي صحي ڪئي وئي آهي. اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته انسانيت کي بچائڻ لاءِ گڏيل ڪوششون ڪرڻيون پونديون، اسرائيل کي غزا معاهدي تي عمل ڪرڻو پوندو. سندس چوڻ هو ته جديد دور ۾ جديد علم سکڻ اڻٽر آهي، ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ وڌيڪ ترقي ڪرڻ جي ضرورت آهي. نائب وزيراعظم جو چوڻ هو ته هنن ٽيڪنالاجي ۾ گهڻي ترقي ڪئي ۽ وڌيڪ ڪري رهيا آهن، حڪومت ڊيجيٽائزيشن طرف وڌي رهي آهي. سندس چوڻ هو ته فور جي ٽيڪنالاجي نواز شريف جي قيادت ۾ متعارف ڪرائي وئي. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته گوگل ڪروم بُڪ ڊاڪٽرز، انجنيئر ۽ شاگردن جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو، گوگل پاڪستان جي ڊيجيٽلائزيشن ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته ٽيڪنالاجي سان ملڪ ۾ اقتصادي سرگرمين کي وڌائڻ ۾ مدد ملندي. پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته ڪروم بُڪ جي دستيابي موجوده گيجٽس جي فراهمي کي وڌيڪ سولو بڻائيندي. اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته نوجوان نسل جي مهارت وڌائڻ ۾ گوگل ڪروم بُڪ اهم ڪردار ادا ڪندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
19.5 ° C
19.5 °
19.5 °
41 %
0.7kmh
100 %
ڇنڇر
19 °
آچر
23 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °

تازه ترين خبرون