تازه ترين

امريڪي سينيٽر برني سينڊرز غزه ۾ تيزي سان خراب ٿيندڙ انساني صورتحال تي سخت ڳڻتي جو اظهار

- Advertisement -
امريڪي سينيٽر برني سينڊرز غزه ۾ تيزي سان خراب ٿيندڙ انساني صورتحال تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. امريڪي سينيٽر پنهنجي هڪ بيان ۾ ٽرمپ انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته هـُو پنهنجي سفارتي طاقت استعمال ڪندڙ اسرائيل تي دٻاءُ وجهي ته ٿڌ جي سختين دوران غزه ۾ مڪمل انساني امداد جي پهچ يقيني بڻائي وڃي. هن چيو ته 10 لک کان وڌيڪ فلسطيني ٿڌ ۾ بنا پناهگاهن جي رهڻ تي مجبور آهن جڏهن ته 92 سيڪڙو گھرن کي اسرائيلي بمباري سان تباهه ڪيو ويو. سندس چوڻ هو ته جنگ بندي معاهدي جي کليل ڀڃڪڙي ڪندڙ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو خيمن سميت ٻئي امدادي سامان ۾ رنڊڪون وجهي رهيو آهي. سينيٽر واضع ڪيو ته واشنگٽن کي فوري طور تي اسرائيل کي چوڻ گھرجي ته غزه لاءِ مڪمل انساني امداد جو رستو کوليو وڃي. سينيٽر برني سينڊرز واضع ڪيو ته جيڪڏهن تڪڙا قدم نه کنيا ويا ته غزه ۾ انساني تباهي ناقابل تصور سطح تائين پهچي سگھي ٿي…
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
4 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
13.1 ° C
13.1 °
13.1 °
12 %
2.3kmh
0 %
خميس
13 °
جمعو
14 °
ڇنڇر
15 °
آچر
16 °
سُومر
15 °

تازه ترين خبرون