- Advertisement -
سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄڻن کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته سمورن بازياب ڪرايلن کي ڪجھ مهينا اڳ شادي ڪرائڻ جو ڏٽو ڏئي گهرائي يرغمال بڻايو ويو هو.
ڪشمور پوليس جي ترجمان هڪ پريس رليز جاري ڪندي چيو آهي ته ڪشمور پوليس، رينجرز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ انٽيليجنس جي بنياد تي هڪ هنڌ تي ڇاپو هنيو.
ترجمان موجب ڇاپي دوران ڪجھ مهينا اڳ شادي جو ڏٽو ڏئي گهرائي اغوا ڪيل راولپنڊي واسي ذوالفقار علي ۽ محمد سليم، ملتان واسي ٽن ڄڻن شهباز آرائين، اسحاق آرائين ۽ عمر دراز کي بازياب ڪرايو ويو آهي.
پوليس ترجمان جو چوڻ هو ته قانوني گهرجون پوريون ڪري سڀني بازياب ڪرايلن کي سندن وارثن حوالي ڪيو ويندو.
- Advertisement -
