- Advertisement -
آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس چيو آهي ته ايران ڇڪتاڻ وڌائي ته تشدد جو جواب تشدد سان ڏنو ويندو.
آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس ايران تي حملي بابت سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ ايران کي خبردار ڪندي چيو آهي ته ايران جنگبندي معاهدي تي صحي ڪئي هئي، امريڪا معاهدي جو مڪمل احترام ڪري ٿو.
جي ڊي وينس چيو ته جيڪڏهن ايران کي مفاهمتي يادداشت تي عمل جي طريقي تي ڪو اعتراض آهي ته اهو سڌو سنئون رابطو ڪري سگهي ٿو.
امريڪي نائب صدر چيو ته امريڪا معاهدي جو پابند آهي پر ڪنهن به اڳرائي واري قدم جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو….
- Advertisement -
