آءِ سي سي ويمنز ورلڊ ڪپ: ڏکڻ آفريقا ڀارت کي دلچسپ مقابلي کان پوءِ 3 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي
ويشاڪاپٽنم ۾ کيڏي ويل آءِ سي سي ويمنز ورلڊ ڪپ جي ڏهين ميچ ۾ ڏکڻ آفريقا ڀارتي ٽيم کي زبردست ۽ دلچسپ مقابلي کان پوءِ 3 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي
ڀارت طرفان ڏنل 252 رنز جو هدف ڏکڻ آفريقا جي ٽيم 49 هين اوور ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪيو. هڪ وقت تي ڏکڻ آفريقا جي ٽيم 81 رنسن تي 5 وڪيٽون وڃائي چڪي هئي ۽ لڳي رهيو هو ته ڀارتي ٽيم آسانيءَ سان ميچ کٽي ويندي، پر نمبر 8 تي بيٽنگ لاءِ آيل ناديـن ڊي ڪلرڪ شاندار بيٽنگ ڪندي ميچ جو رخ ئي تبديل ڪري ڇڏيو.
ناديـن ڊي ڪلرڪ ناقابلِ يقين اننگز کيڏندي صرف 54 بالن تي 84 ناٽ آئوٽ رنز ٺاهي، جنهن ۾ 8 چوڪا ۽ 5 ڇڪا شامل هئا. هن پنهنجي اعتماد ڀري بيٽنگ سان ڀارتي بالرن کي مڪمل طور تي بي اثر بڻائي ڇڏيو.
ڏکڻ آفريڪي ڪپتان به شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري، 70 رنسون ٺاهي ٽيم کي بهتر شروعات ڏني، جڏهن ته ڪلوئي ٽرايون 49 رنز سان فتح کي يقيني بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
ان کان اڳ ڀارتي ٽيم پهرين بيٽنگ ڪندي 49.5 اوورن ۾ 251 رنز تي آئوٽ ٿي وئي. ڀارت لاءِ ريچا گوش زبردست بيٽنگ ڪندي 94 رنسن جي اننگز کيڏي، جنهن ۾ 11 چوڪا ۽ 4 ڇڪا شامل هئا.
ان شاندار فتح سان ڏکڻ آفريقا جي ويمنز ٽيم نه صرف ٽورنامينٽ ۾ اهم پوائنٽس حاصل ڪيا، پر ڀارت کي ٽورنامينٽ جي پهرين شڪست پڻ ڏئي ڇڏي، جيڪا پوائنٽ ٽيبل تي وڏي تبديلي جو سبب بڻجي سگهي ٿي.
آءِ سي سي ويمنز ورلڊ ڪپ: ڏکڻ آفريقا ڀارت کي 3 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي
- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -
لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
23.7
°
C
23.7
°
23.7
°
14 %
2.4kmh
0 %
ڇنڇر
24
°
آچر
24
°
سُومر
23
°
اڱارو
23
°
اربع
24
°