- Advertisement -
وزيراعظم جي صلاحڪار ۽ سينيٽر راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته آئين مقدس ضرور آهي پر بهتري لاءِ ترميمون ضروري آهن.
خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله جو چوڻ هو ته آئين ۾ هن وقت تائين 26 ترميمون ڪيون ويون آهن، پارليامينٽ جي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت ڪنهن ڳالهه تي اتفاق ڪري ته ترميمون ڪري سگهجن ٿيون.
راڻا ثناءُ الله جو چوڻ هو ته سياسي عمل ڪڏهن به بند نه ٿيندو آهي، مختلف معاملن تي هميشه ڳالهيون جاري رهنديون آهن جيڪا ڳالهه جمهوريت جو حصو آهي.
راڻا ثناءُ الله جو چوڻ هو ته ارڙهين ترميم سان مسلم ليگ ن کي ڪوبه مسئلو نه آهي، ارڙهين ترميم صوبن ۽ فيڊريشن وچ ۾ وسيلن جي ورهاست بابت آهي، ارڙهين ترميم ۾ صوبن ۽ مرڪز وٽ جيڪي وسيلا آهن انهن ۾ بيلنس ڪرڻ جي ضرورت آهي.
وزيراعظم جي صلاحڪار جو چوڻ هو ته ارڙهين ترميم وسيلن جي ورهاست تي ڊگهي عرصي تائين ڳالهيون ٿينديون رهيون آهن، هن وقت جي حساب سان 18هين ترميم ۾ وسيلن جي ورهاست جو بئلنس طئي ڪيو ويو.
سندس چوڻ هو ته هاڻي جيڪڏهن عملي طور تي فرق آيو آهي ته ان تي ڳالهيون ۽ غور ڪرڻ ۾ ته ڪو مسئلو نه آهي، اتفاق راءِ ٿي وڃي ته ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان ترميم ٿي ويندي.
سندس چوڻ هو ته دفاعي بجيٽ رڳو وفاق نه پر صوبن جي به ذميواري آهي، دفاع ۽ قرضن جي ادائگي کانپوءِ وفاق وٽ وسيلا محدود ٿي ويندا آهن.
راڻا ثناءُ الله جو چوڻ هو ته اهي سڀاڻي 27هين آئيني ترميم نه آڻي رهيا آهن، اهي شيون فوري طور تي نه ٿينديون آهن.
سندس چوڻ هو ته جوڊيشري بابت تڪرار ٿيڻ واري ڪابه ڳالهه نه آهي، سموريون پارٽيون متفق آهن ته آئيني عدالت هئڻ گهرجي، آئيني عدالت بڻجڻ سان معاملا بهتر طريقي سان هلائي سگهجن ٿا.
سندن چوڻ هو ته مخالف ڌر فضل الرحمان سان گڏجي تجويز ڏني آهي ته آئيني عدالت نه آئيني بينچ ٺاهي وڃي، آئيني بينچ تي اتفاق ٿي ويو ته پي ٽي آءِ ڀڄي وئي ۽ صحيح نه ڪئي.
- Advertisement -
