- Advertisement -
آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوار الحق خلاف بي اعتمادي رٿ جو فيصلو نه ٿي سگهيو، پ پ ۽ مسلم ليگ ن ۾ ڇڪتاڻ سبب بي اعتمادي رٿ پيش ڪرڻ تي ڊيڊ لاڪ برقرار آهي.
ذريعن موجب، پيپلزپارٽي جي اڳواڻن اڃا تائين قائد ايوان جي نامزگي نه ڪئي ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ڏيهه واپسي تي ئي بي اعتمادي رٿ بابت فيصلو ٿيڻ جو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته مبينا طور مسلم ليگ نون جو وقت کان اڳ اليڪشن جو مطالبو دير جو سبب آهي، جڏهن ته آزاد ڪشمير حڪومت جي 80 سيڪڙو ترقياتي بجيٽ اڃا خرچ ٿيڻي آهي.
ذريعن موجب، موجوده اسيمبليءَ جو مدو جولاءِ 2026ع ۾ ختم ٿي رهيو آهي، جڏهن ته مسلم ليگ نون جو مطالبو آهي ته مارچ 2026ع ۾ چونڊون ڪرايون وڃن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلزپارٽي طرفان اسيمبلي مدو مڪمل ڪرڻ سبب ڊيڊلاڪ برقرا آهي………
- Advertisement -
