تازه ترين

آمريڪا، قطر ۽ مصر طرفان غزه جنگ بندي ۽ يرغمالين جي آزادي لاءِ ڳالهين جو هڪ ٻيو دور ايندڙ هفتي ٻيهر ٿيندو

- Advertisement -
آمريڪا، قطر ۽ مصر طرفان غزه جنگ بندي ۽ يرغمالين جي آزادي لاءِ ڳالهين جو هڪ ٻيو دور ايندڙ هفتي ٻيهر ٿيندو، ڳالهيون هاڻي قاهره ۾ ٿينديون. قطر ڳالهين تي گڏيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته واشنگٽن جنگ بندي بابت نيون تجويزون پيش ڪيون آهن جن تي صلاح مشورا جاري آهن. گڏيل بيان موجب آمريڪا طرفان گذريل هفتي اتفاق تي لاڳاپيل نڪتن تي تيزيءَ سان عملدرآمد جي راهه ۾ موجود رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ تجويزون پيش ڪيون ويون. هاڻي زندگيون بچائڻ، غزه جي ماڻهن جي زندگين ۾ ڪجهه آسانيون ۽ خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ جي روڪٿام جهڙن نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ رستو صاف آهي. آمريڪي صدر بائيڊن چيو آهي ته ڪنهن به ڌر کي غزه جنگ بندي ڊيل تائين پهچڻ جي ڪوششن کي ڪمزور نه ڪرڻ گهرجي، ڳالهين جي شروع ٿيڻ سبب اڄ اسان جنگي بندي معاهدي جي ڪافي ويجهو پهچي ويا آهيون. آمريڪي صدر جو چوڻ هو ته هن جون قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني ۽ مصري جي صدر سان ڳالهيون ٿيون آهن ۽ ٻنهي اڳواڻن آمريڪي تجويز کي ڀرپور سپورٽ ڪرڻ جو ارادو ظاهر ڪيو آهي. آمريڪي صدر چيو آهي ته اسرائيل کي آمريڪي حمايت جو يقين ڏيارڻ لاءِ اهو آمريڪي پرڏيهي وزير کي اسرائيل موڪليندا ته جيئن جنگ بندي ۽ يرغمالين جي آزادي بابت معاهدي تي اڳڀرائي ٿي سگهي. آمريڪا، قطر ۽ مصرف جي ٽياڳڙي ۾ ٿيندڙ ڳالهين ۾ اسرائيل به شرڪت ڪئي پر حمايت ڳالهين ۾ حصو نه ورتو. حماس جو موقف آهي ته ان کان اڳ جيڪي ڳالهيون ٿيون انهن ۾ جن نڪتن تي اتفاق ٿيو هو اسرائيل انهن جي ڀڃڪڙي ڪئي…..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
27.8 ° C
27.8 °
27.8 °
26 %
4.6kmh
23 %
جمعو
27 °
ڇنڇر
33 °
آچر
32 °
سُومر
35 °
اڱارو
36 °

تازه ترين خبرون