- Advertisement -
اتر وزيرستان ۾ سڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران 3 دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته سڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان جي علائقي رزمڪ ۾ دهشتگردن جي موجودگيءَ جي اطلاع تي آپريشن ڪيو.
آپريشن دوران سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن دوران 3 دهشتگرد مارجي ويا ۽ هڪ کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب علائقي ۾ دهشتگردن جي موجودگيءَ جي خدشي سبب ڪليئرنس آپريشن ڪيو ويو.
پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته سڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن، بهادر سپاهين جون قربانيون سندن عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.- Advertisement -
