تازه ترين

 استادن جي کوٽ سبب سنڌ ۾ هاڻي ڪو به اسڪول بند نه رهندو : سيد سردار علي شاهه

- Advertisement -
سنڌ ۾ تعليمي سڌارن ۾ اهم اڳڀرائي،  استادن جي کوٽ سبب بند پيل اسڪولن کي  کوليو ويو آهي. سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه جي هدايتن تي استادن جي دستيابي کي يقيني بڻائڻ لاءِ 2 هزار 8 سئو 89 اسڪول کوليا ويا آهن. سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه جو چوڻ آهي ته  استادن جي کوٽ سبب سنڌ ۾ هاڻي ڪو به اسڪول بند نه رهندو. سندس چوڻ هو ته ٽيچرز پليسمينٽ ڪميٽي جي سفارشن موجب بند پيل اسڪولن ۾ استادن جي کوٽ پوري ڪئي وئي آهي. پليسمينٽ ڪميٽي تحت فعال ڪيل اسڪولن ۾ استادن جي مقرري جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب بند پيل اسڪولن ۾ 2587 استاد مقرر ڪيا ويا آهن، استادن کي سندن رهائشي تعلقن ۾ مقرر ڪيو ويو آهي. تعليم کاتي جو چوڻ آهي ته پٺتي پيل تعلقي جي 169 اسڪولن کي بند ڪرڻ جو ڪيس عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، عدالت حڪم تحت انهن اسڪولن کي کوليو ويندو. تعليم واري وزير جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ 60 هزار کان وڌيڪ استادن جي ڀرتي ميرٽ جي بنياد تي  ٿي، سنڌ پليسمينٽ پلان تي عملدرآمد جو سلسلو جاري رکيو ويندو. هن چيو ته ڪنهن استاد جي رٽائرمينٽ يا فوت ٿيڻ جي صورت ۾ ان اسڪول ۾ فوري طور تي نئون استاد مقرر ڪيو ويندو. سيد سردار شاهه جو چوڻ هو ته استاد اميانداري ۽ ذميواري سان ٻارن کي پڙهائن، نه پڙهائيندڙاستادن خلاف ڪارڪردگي ۽ ڊسيپلينري ضابطن تحت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته صوبائي حڪومت تعليمي سڌارن جي سلسلي ۾ بهتر قدم کنيا آهن، اسان پنهنجي ذميواري پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، هاڻي ڪميونٽي کي به پنهنجو سنجيده ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. سنڌ جي تعليم واري وزير سردار شاهه جو چوڻ هو ته سول سوسائٽي کي گهرجي ته هو پنهنجي علائقي جي اسڪولن تي نظر رکي ته جيئن استادن جي سماجي نگراني ٿي سگهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.5 ° C
21.5 °
21.5 °
46 %
1.7kmh
0 %
جمعو
30 °
ڇنڇر
32 °
آچر
33 °
سُومر
35 °
اڱارو
35 °

تازه ترين خبرون