- Advertisement -
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ نيشنل گارڊز تي فائرنگ ڪندڙ کي جانور قرار ڏيندي چيو آهي ته واقعو دهشتگردي آهي، حملي آور کي سخت سزا ملندي.
وائيٽ هائوس ڀرسان فائرنگ جي واقعي تي رد عمل ڏيندي صدر ٽرمپ چيو ته نيشنل گارڊز جي اهلڪارن تي فائرنگ ڪندڙ کي ڳري قيمتي چڪائڻي پوندي.
سندس چوڻ هو ته خدا اسانجي نيشنل گارڊز، فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن کي محفوظ رکي.
ٻئي پاسي واشنگٽن ۾ وائيٽ هائوس ڀرسان نيشنل گارڊ جي اهلڪارن تي فائرنگ جي واقعي کانپوءِ 500 فوجين جي مقرري جو اعلان ڪيو ويو آهي.
امريڪا جي جنگ کاتي جي وزير پيٽ هيگستهه ٻڌايو ته هو قدم صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي سڌيءَ ريت هدايتن تي ڪيو پيو و ڃي.
هن ٻڌايو ته هي قومي سلامتي جو معاملو آهي ۽ هو واشنگٽن کي محفوظ بڻائڻ لاءِ ضروري قدم کڻي رهيا آهن.
ٻئي پاسي ايف بي آءِ ڊائريڪٽر ڪاش پٽيل پريس بريفنگ ۾ تصديق ڪئي ته وائيٽ هائوس زخمي ٿيل اهلڪارن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، شڪي شخص کان پڇاڳاڇا ڪئي پئي وڃي…
- Advertisement -
