- Advertisement -
امريڪا جي قومي سلامتي جي ترجمان جان ڪربي چيو آهي ته ايران طرفان وڏي حملي جي لاءِکين تيار رهڻ گھرجي.
پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته اسرائيل پنهنجو دفاع ڪري سگھي ٿو ۽ ان جي دفاع ۾ مدد لاءِ امريڪا به موجود آهي.
هوڏانهن پاسداران انقلاب جي ترجمان جو چوڻ آهي ته حماس اڳواڻ اسماعيل هانيه جي شهادت جو بدلو ضرور وٺندا.
پرڏيهي خابرو ايجسي موجب، ڇڪتاڻ واري صورتحال ۾ عراق مان آمريڪي فوج جي مڪمل واپسي جو امڪان آهي.
ايراني ميڊيا موجب ان سلسلي ۾ عراقي پرڏيهي وزير ايندڙ هفتي آمريڪا پهچندو ۽ آمريڪي فوج جي واپسي جو باضابطا اعلان واشنگٽن ۾ ڪيو ويندو.- Advertisement -
